اسلام آباد (بيورو) اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اقتصادي رابطا ڪميٽي ان کان اڳ ٻه ڀيرا بجلي جي اگهن بابت فيصلو ملتوي ڪري چڪي آهي. ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ اميد کان گهت ڪئي وئي آهي، قرضن جي وصولي ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن.اسد عمر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي 300 روپيا يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي جيتوڻيڪ 300 يونٽن کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن جي لاءِ بجلي 10 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب حڪومت زرعي شعبي کي وڏو رليف ڏنو آهي ۽ بجلي جا اگهه 10 روپيا 50 پئسا في يونٽ کان گهٽ ڪري 5 روپيا في يونٽ مقرر ڪيا ويا آهن. 700 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي 15 سيڪڙو مهانگائي ڪئي وئي بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو طوفان اچڻ جو خدشو آهي ٻئي طرف نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيئي ڇڏي، واڌ سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمينت جي مد ۾ ڪئي ويئي آهي اربع تي نيپرا بجلي جي اگهه ۾ 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيئي ڇڏي واڌ سان صارفين تي 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جو بار پوندو. سي پي پي اي مطابق سيپٽمبر ۾ ريفرنس فيول لاڳت پنج رپيا 12 پئسا في يونٽ هئي ورهائيندڙ ڪمپنين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جو اگهه 5 رپيا 56 پئسا في يونٽ هو نيپرا عملدارن مطابق سيپٽمبر ۾ فرنس آئل جو گهڻو استعمال ڪيو ويو عملدارن مطابق جيڪڏهن ايل اين جي ۽ ڪوئلي کي استعمال ڪيو وڃي ها ته صارفين کي رليف ملي ها نيپرا سي پي پي اي جي پنج رپين جي ڪليمز کي هلندڙ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ شامل ناهي ڪيو نيپرا چيئرمين مطابق ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه ۾ لاٿ سبب 8 ارب رپين جو اثر پيو جيڪڏهن ڊالر جي قيمت نه وڌي ته صارفين کي 30 پئسا في يونٽ تي رليف ملي ها. نيپرا عملدارن مطابق نيپرا ڊالر جي قيمت 124 رپين تي تعين ڪيو نيپرا عملدارن مطابق فرنس آئل تي پيداواري لاڳت 15 رپيا 50 في يونٽ رهي عملدارن مطابق جيڪڏهن ايل اين جي ۽ ڪوئلي استعمال ڪيو وڃي ها ته صارفين کي وڌيڪ رليف ملي ها.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟