ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي پاڪستان ڪوارٽرز جا گهر خالي ڪرايا پيا وڃن ۽ اسان عدالت جي حڪم جا پابند آهيون. هن چيو ته گهر خالي ڪرڻ واري موقعي تي امن امان واري صورتحال تي ضابطو آڻ جي ضروري آهي ته جيئن ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي، تنهن ڪري اسان پوليس آپريشن کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. پاڪستان ڪوراٽرز آپريشن ۾ سپريم ڪورٽ جا انسپيڪٽرز پڻ شامل هئا. پاڪستان ڪوارٽرز جي زمين اسانجي نه آهي اهو معاملو وفاقي حڪومت جو آهي ۽ انڪري معاملي جي تهه تائين پهچڻ کان پهرين مون پاڪستان ڪوارٽرز واري معاملي جو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس کي اتان فوري طور تي پوليس واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ کي پڻ هدايت جاري ڪئي. هن چيو ته وفاق سنڌ لاءِ ڪو سٺو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ضرور ڪري ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جا پابند آهيون ۽ عدالتي حڪمن تحت فيصلو ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته جي آءِ ٽي قانون مطابق جيڪو ريڪارڊ گهرندي اهو فراهم ڪيو ويندو ۽ ريڪارڊ روڪڻ يا انکي لڪائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ڪوارٽرز واري معاملي کي وفاقي معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز واري ايراضي سنڌ حڪومت جي نه وفاق جي آهي. علائقي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس هٽائڻ جي هدايت ڪئي. امن امان کي برقرار رکڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته متاثرن لاءِ متبادل بندوبست ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عدالت اسانکي به ڪجهه سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جا گهر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن لاءِ اسان تمام احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن سان به زيادتي نه ٿئي. ٽاسڪ فورس: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽاسڪ فورس ڪجهه به نه آهي، ان تي ايترو سنجيده نه ٿيندا ڪريو، نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي به ٽاسڪ فورس بڻائي هئي، ڪنهن ٽاسڪ فورس جي ڪابه اهميت نه آهي. فيصل واوڊا کي نوڪريءَ جي آڇ: سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر آبي وسيلن واري وفاقي وزير جو نالو وٺڻ بنا کين وال مين جي نوڪري جي آڇ ڪندي چيو ته وال بند ڪرڻ ۽ کولڻ ڪنهن ٻئي جو ڪم آهي، وفاقي وزير چيو آهي ته ان کي وال بند ڪرڻ ۽ کولڻ ايندو آهي، جيڪڏهن ڪا آسامي آهي ته واٽر بورڊ کي چونداسين ته ان جو انٽرويو وٺي ۽ جيڪڏهن هُو ميرٽ تي آهي ته اُنکي نوڪري ڏني وڃي، اهڙي ريت ان جو شوق به پورو ٿي ويندو. پاڻيءَ جو معاهدو: سنڌ جي وڏي وزير پاڻي معاملي تي اعتراض جو ذڪر ڪندي چيو ته اسانکي معاهدي تحت پاڻي نه ملي رهيو آهي، هڪ صوبو ٽن صوبن جو پاڻي حاصل ڪري رهيو آهي. جي آءِ ٽي: مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پاران سنڌ حڪومت جو ريڪارڊ گهرڻ بابت مراد علي شاهه چيو ته قانون مطابق جيڪو ريڪارڊ گهريو ويندو اهو فراهم ڪيو ويندو. ٻه ڏينهن پهرين سنڌ حڪومت جي سپريم ڪورٽ کان سهڪار نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. هن چيو ته وڏ وزارت جو ڪم دستاويزات ڏيڻ نه آهي، سندس ان معاملي تي چيف سيڪريٽري ۽ انتظاميا کان ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کان ڏهن سالن جي سمورن اڪائونٽس جي تفصيل گهريا ويا آهن. حڪومت جا اٽڪل 27 هزار اڪائونٽس آهن، انهن جو ريڪارڊ گڏ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. وڏي وزير چيو ته مونکي ٻڌايو ويو آهي ته جي آءِ ٽي پاران خط مليو آهي جنهن ۾ 2008ع کان 2018ع تائين آبپاشي کاتي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ٺيڪن جا تفصيل گهريا ويا آهن، انهن جا ڪانٽريڪٽ لکن جي تعداد ۾ آهن، انهن کي گڏ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. جي آءِ ٽي کي جيڪو ريڪارڊ گهربل هوندو ڏنو ويندو ۽ جيڪو غلط هوندو ان تي حساب ڪتاب به ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته جي آءِ ٽي 46 ٺيڪيدارن جا نالا ڏنا آهن انهن جا هڪ ڪروڙ کان مٿي جي ڪانٽريڪٽ ريڪارڊ گهريا ويا آهن. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جا ريڪارڊ ڏنا ويا آهن ۽ آبپاشي کاتي جا ريڪارڊ به تيار آهن. سموري معلومات ڏئي رهيا آهيون، شايد سپريم ڪورٽ کي ان معاملي جي درست ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي وئي. سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي کان ڪجهه به لڪائي نه رهي آهي ۽ نه ئي غلط ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي. جي آءِ ٽي مونکي به گهرايو ته حاضر ٿيندس، عدالت کي درست ناهي ٻڌايو ويو. چيف جسٽس ڪراچي اچي رهيو آهي اسان ٻڌائينداسين ته جيڪو ممڪن ٿيندو اهو فراهم ڪيو ويندو. ريڪارڊ روڪڻ يا لڪائڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي سوچ آهي ته اسان ريڪارڊ روڪينداسين ته اهو غلط آهي. انتظاميا کي ان حوالي سان هدايت ڏني وئي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟