ڪراچي(چيف رپورٽر) پاڪستان ڪوارٽرز مان امڪاني بي دخلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي ۽ ڪيترائي مظاهري گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙ جي وچ ۾ چڪرين ۾ 6 اهلڪارن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪوارٽرز ۾ گهرن کي خالي ڪرائڻ واري آپريشن جي اطلاع تي پاڪستان ڪوارٽرز جي رهواسين احتجاج ڪيو ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعريباز پڻ ڪئي، احتجاج ۾ عورتون مرد ۽ ٻار پڻ شامل هئا. علائقي واسين پاڪستان ڪوارٽرز جا داخلي رستا رڪاوٽون هڻي بند ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کانپوءِ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهتي. پوليس جي وڳوڙ ٽوڙ فورس ۽ ليڊيز پوليس اهلڪار پڻ موقعي تي موجود هئا. وڳوڙ ٽوڙ پاڪستان ڪوارٽرز ڏانهن ويندڙ رستا کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي احتجاج ڪندڙ جون پوليس سان چڪريون ۽ منهن ماري ٿي. احتجاج ڪندڙن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن تي پوليس شيلنگ، لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان دوران پوليس جي هڪ اهلڪار هوائي فائرنگ ڪئي جنهن کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪري هٿيار پڻ ضبط ڪيا ويا. پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ٿيندڙ چڪرين ۾ 6 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جڏهن ته پوليس لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ، پٿراءٌ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب 10 احتجاج ڪندڙ پڻ زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪرين کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي فون ڪيو ۽ پوليس جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير پاڪستان ڪوارٽرز مان فوري طور تي پوليس واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته عوام سان اهڙو رويو تڪليف ڏيندڙ آهي، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ختم ڪريو، اهو سڀ عوام جي پريشاني جو سبب آهي. وڏي وزير جي حڪمن تي پوليس احتجاج ڪندڙن خلاف آپريشن روڪي ڇڏيو. ايس پي جمشيد شمائل رياض ٻڌايو ته آپريشن دوران هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ، في الحال آپريشن بند ڪري رهيا آهيون، ٻيهر حڪم ملڻ تي ڪاروائي ڪنداسين. ايس پي چيو ته گرفتار مظاهرين خلاف سرڪاري ڪم رنڊڪ وجهڻ جو ڪيس داخل ڪنداسين. ٻئي پاسي پاڪستان ڪوارٽرز جي رهواسين جي احتجاج سبب لسٻيلي کان گارڊن ايندڙ ويندڙ روڊ تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو . ٽريفڪ پوليس موجب ٽريفڪ کي گارڊن ٽينڪر چورنگي کان ايم اي جناح روڊ طرف موڙ ڏنو ويو ۽ لسٻيلي ويندڙ ٽريفڪ کي تين هٽي کان گرومندر ڏانهن موڙ ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مرڪزي اڳواڻ عامر خان ۽ ڪنور نويد جميل کانسواءِ فاروق ستار ۽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي جمال صديقي پڻ احتجاج ڪندڙن سان همدردي لاءِ پهتا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟