اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت سان نه ڳالهائيندس، جيڪڏهن ٺاهه ڪرڻو هجي ها ته پرويز مشرف جي دور ۾ بهتر هو. رپورٽن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومتي پاليسين خلاف اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ تي اتفاق سان گڏوگڏ حڪومت خلاف ٺهراءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي فضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين کي نواز شريف سان ملاقات جي صلاح ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ توهان جي اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات ضروري آهي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت هلندي نظر نٿي اچي، حڪومت سان نه ڳالهائيندس، ڇو ته جيڪڏهن ٺاهه ڪرڻو هجي ها ته پرويز مشرف جو دور بهتر هو. هن چيو ته 10 سال جمهوريت لاءِ گڏجي ڪم ڪيو، اسان جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته غير جمهوري طاقتن کي موقعو نه ملي، هن وقت به جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون پر هاڻ اسان کي جمهوري طاقتون ڪمزور نظر اچي رهيون آهن، تنهن ڪري لائحا عمل طئي ڪرڻو پوندو. اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني سياسي پارٽين سان رابطا ڪري رهيا آهيون، عدم اعتماد جي ڳالهه به سڀني سامهون رکنداسين، حڪومت خلاف عدم اعتماد جي حوالي سان وقت ٻڌائيندو پر اسان جو مقصد حڪومت کي ڪيرائڻ نه، جمهوريت جي رستي تي هلائڻ آهي ۽ اهو ضروري به ناهي ته حڪومت ڪيرايو وڃي، سڀني جو موقف آهي ته گڏجي هلجي. جي يو آءِ ف جي سربراهه فضل الرحمان چيو ته متفق آهيون اپوزيشن گڏجي هڪ موقف اختيار ڪري ۽ اسان سڀني جو بنيادي موقف آهي ته جمهوريت کي ڪوڙو مينڊيٽ حاصل آهي، اپوزيشن گڏجي مستقبل جي حوالي سان لائحا عمل تيار ڪندي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائي ويندي. پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت مخالف ٺهراءُ منظور ڪرڻ جي تجويز تي پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ جلد رابطي جو امڪان آهي. مخالف ڌر حڪومت خلاف اي پي سي گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. آصف زرداري کي اي پي سي گهرائڻ جي تجويز مولانا فضل الرحمان ڏني آهي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت مخالف ٺهراءَ منظور ڪرڻ جي تجويز تي پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ جلد باضابطا رابطي جو امڪان آهي. مخالف ڌر حڪومت خالف اي پي سي گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي. آصف زرداري کي اي پي سي جي تجويز مولانا فضل الرحمان ڏني مخالف ڌر جون پارٽيون آصف زرداري جي تجويز جو جائزو وٺنديون. مسلم ليگ ن به آصف زرداري جي تجويز کي قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي واکاڻيون آهي. نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي تجويز تي مستقبل ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟