وفاقي حڪومت پاران بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، تيل ۽ گئس جي پيداوار تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت بجلي چورن خلاف فوري طور تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ انرجي ٽاسڪفورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته بجلي چوري خلاف تمام صوبن کي  به هدايت جاري ڪئي وئي آهي، ضلعي سطح تي ڊي سي ۽ بجلي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون جي نگراني ڪنداسين. وزيراعظم پاور ڊويزن کي معياري ٽرانسفارمرز جي دستيابي يقيني بڻائڻ، ٽرانسفامرز مسئلن جي حل ۽ مختلف ڪمپنين جي شموليت لاءِ پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪنهن ٻئي جي چوري ۽ بدانتظامي سبب عوام لوڙي اهو قبول ناهي، تنهن ڪري گهريلو، صنعتي ۽ ٻين شعبن جي مستقبل لاءِ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. هن چيو ته انرجي پاليسي لاءِ منظم ۽ مربوط فريم ورڪ تشڪيل ڏنو پيو وڃي ۽ درآمد شده فيول تي گهٽ ڀاڙيو  ۽ موجوده وسيلا استعمال ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بجلي چوري خلاف وزيراعليٰ جي نگراني ۾ خاص ٽاس فورس جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار تي خاص ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بريفنگ ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته شيل گئس جي موجوده ذخيرن ۾ پاڪستان دنيا ۾ نائين نمبر تي آهي پر ان ذخيرن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ ڪا ڌيان نه ڏنو ويو. بريفنگ موجب ساڍن 5 سالن ۾ تيل ۽ گئس جي درياست لاءِ هڪ بلاڪ به ايوارڊ نه ٿيو، وڌيڪ 30 بلاڪس ايوارڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي دريافت تيز ڪرڻ لاءِ سيسمڪ سروي او جي دي سي ايل کان ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں