لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) عرب ٽي وي جي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن بابت ڊاڪيومينٽري تي رڪارڊ گهري ورتو. تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جي نئين اسڪينڊل تي هر طرف ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، پي سي بي عرب ٽي وي جي ڪرپشن بابت ڊاڪيومينٽري تي رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته انگلينڊ ۽ آسٽريلوي بورڊ الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته عرب ٽي وي اڃا تائين مطالبي تي جواب ناهي ڏنو، رڪارڊ کانپوءِ وڌيڪ تحقيق ٿيندي، رانديگرن جي ملوث هئڻ جا ٺوس شاهد مليا ته ڪارروائي ڪئي ويندي. پي سي بي موجب ڪنهن سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ سان ڪو ڏوهه ثابت نٿو ٿئي، ڪرپشن خلاف اسان جي پاليسي زيرو ٽالرينس جي آهي. ٻئي طرف انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن تي لڳندڙ بدعنواني جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، انگلش بورڊ جو چوڻ آهي ته رانديگرن خلاف ڪو ٺوس ثبوت موجود نه آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن تي الزامن کي رد ڪيو آهي پر ڪرڪيٽ آسٽريليا عرب ٽي وي کان غير ايڊٽ شده وڊيو شاهدي طور گهري ورتي آهي. عرب ٽي وي جي ڪرڪيٽ ڪرپشن تي نئين ڊاڪيومينٽري منظر تي اچڻ کانپوءِ آءِ سي سي حرڪت ۾ اچي وئي آهي، آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي مينيجر ايلڪس مارشل جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون عرب ٽي وي ثبوت شيئر ڪري. ايلڪس مارشل چيو ته ڪرڪيٽ کي ڪرپشن کان پاڪ رکڻ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، ڊاڪيومينٽري ۾ 15 انٽرنيشنل ميچن ۾ فڪسنگ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ڪرپشن جي نئين اسڪينڊل اڳيان اچڻ کانپوءِ ٽي ٽين ليگ تي ڪيترائي سوال اٿڻ لڳا، تجزيڪارن سوال ڪيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ فڪسنگ کان محفوظ ناهي ته ڇا ٽي ٽين جهڙي تڪراري ليگ ڪرپشن کان پاڪ ٿي سگهي ٿي، ڇا پي سي بي پاڪستاني رانديگرن کي اهڙي ليگ ۾ موڪلڻ چاهيندو. ميچ فڪسنگ ۾ ڀارتي بڪي سڀ کان اڳتي آهن، عرب ٽي وي جي دستاويزي فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ان ڪڌي عمل جا سمورا پيرا ڀارتي شهر احمد آباد ڏانهن وڃن ٿا، بدنامه زمانه بڪي انيل منور ۽ ان جي گينگ ڪم ڪندي آهي. ڀارت جي بدنام زمانه ميچ فڪسر انيل منور سان گڏ دنيا جي ناليوارن رانديگرن جي تصويرن ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، هڪ تصوير ۾ پاڪستاني بيٽسمين عمر اڪمل به بڪي انيل منور ۽ ان جي ساٿين سان گڏ نظر اچي رهيو آهي، ويسٽ انڊيز ۽ ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي، روهت شرما جي به انيل منور سان گڏ تصوير موجود آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟