ناصر جمشيد جي سزا خلاف اپيل رد، 10 ورهين جي پابندي برقرار

0Shares

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ناصر جمشيد طرفان سزا خلاف اپيل رد ڪندي مٿس 10 سالن جي پابندي برقرار رکي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ هلندڙ سال 17 آگسٽ تي ڪرڪيٽر ناصر جمشيد تي 10 سال پابندي لڳائي هي، جنهن خلاف ڪرڪيٽر پنهنجي اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس (ر) حامد فاروق ڪئي ۽ ناصر جمشيد طرفان ان جي وڪيل علي رضا ڪبير دليل ڏنا، جڏهن ته ٽن ٻڌڻين بعد دليل مڪمل ٿيڻ تي 12 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو ڪالهه ٻڌايو ويو آهي، جنهن مطابق ڪرڪيٽر جي اپيل کي رد ڪليو ويو آهي، مٿس 10 سالن جي پابندي کي برقرار رکيو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئين ايڊيشن دوران سامهون ايندڙ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پي سي بي ناصر جمشيد کي مرڪزي ڪردار قرار ڏنو هو،  ڪيس ۾ خالد لطيف، شرجيل خان ۽ شاهزيب حسن به سزا ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عرفان به پنهنجي سزا ڪاٽي چڪو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں