سني ديول زندگيءَ جون ٻاهٺ بهارون ڏسي ورتيون

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سني ديول زندگي جون 62 بهارون ڏسي ورتيون. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اداڪار سني ديول جيڪو اداڪاري سان گڏ هدايتڪاري ۾ به مصروف آهي، ان پنهنجي سالگرهه تي مداحن جي نيڪ خواهشن جا ٿورا مڃيندي سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪئي آهي.  وڊيو ۾ اداڪار کي منالي جي جبلن تي ڏسي سگهجي ٿو، جتي هو هدايتڪار جي حيثيت سان پنهنجي ايندڙ فلم پل پل دل ڪي پاس جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي. ان فلم ۾ اداڪار پنهنجي پٽ کي متعارف ڪرائيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں