شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل مي ٽو مهم جي حوالي سان حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي. بگ باس 11 جي فاتح 41 ورهين جي شلپا شندي انهن اداڪارائن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جيڪي گهڻي عرصي تائين خاموش رهڻ کانپوءِ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اٿاري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي، جڏهن عورتن کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو ته ان وقت خاموش رهيون، هاڻ گهڻي وقت کانپوءِ ڳالهائي رهيون آهن، عورتن کي پاڻ سان زيادتي تي ان وقت ئي آواز اٿارڻو هو، جڏهن اهي متاثر ٿيون، جهڙي ريت مان هڪ سال اڳ آواز اٿاريو هو، جڏهن پروڊيوسر مون کي جنسي طور هراسان ڪيو پر مان ماضيءَ جي قصي کي نه ورجائينديس. شلپا شندي موجب شوبز انڊسٽري ۾ ايندڙ نين ڇوڪرين کي جاءِ ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوني آهي پر ان دوران کين سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه؟ مان اهڙين ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ڏٺو آهي، جيڪي ڪيريئر جي شروعات ۾ پنهنجي بدن جي نمائش ڪري ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن وٽ وينديون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته بالي ووڊ ۾ ڪو ريپ يا زبردستي ناهي ٿيندي پر سڀ ڪجهه ٺاهه تحت ٿيندو آهي، ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي سڀ ڪجهه ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته شوبز انڊسٽري ايتري سٺي ناهي پر ايتري خراب به ناهي جيتري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں