مون کي اين آر او مان ڪوبه فائدو نه ٿيو، عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي، حڪومت ملڪ نٿي هلائي سگهي: آصف زرداري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي نااهلي مختصر وقت ۾ ئي سامهون اچي وئي، سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي حڪومت جي ناڪامي بابت قرارداد پيش ڪرڻ گهرجي، اسان کي اصولي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نيب گهر جي نوڪرن کي به گهرائي جاچ ڪري رهيو آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ به اهڙين ئي حالتن کي منهن ڏنو، مان نيب چيئرمين کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو هو پر ان جي سوچ ۽ طريقي ڪار تي تنقيد ڪئي هئي.  هن چيو ته مان ن ليگ قائد نواز شريف جي دور ۾ قائم ڪيل ڪيسن ۾ اڄ به ڀوڳي رهيو آهيان ۽ نواز شريف کي اسان جي پاليسي نه وڻي، اين آر او ۾ ڌر نه بڻياسين تنهن ڪري پارٽي کي ڪو فائدو نه پهتو پر نواز شريف کي فائدو ٿيو هوندو، ان آر او مان متحدا قومي موومينٽ کي فائدو ضرور ٿيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ پاڪ – چين اقتصادي راهداري سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. آصف زرداري چيو ته عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي هي حڪومت هلي نٿي سگهي ۽ نه ئي ملڪ هلائي سگهي ٿي، جڏهن مشرف آيو هو ته ائين ئي ٿي رهيو هو جيئن اڄ ٿي رهيو آهي ٿورڙي  طاقت ملڻ سان اهي ماڻهو ائين ڪن پيا اهي ماڻهو ذهني طور تي ڪوڙا آهن انهن کان ملڪي معاملا ۽ اقتدار سنڀالي نٿو سگهجي ڪرسي تي ويهي سوچ بدلجي ويندي آهي اسان مشرف  دور ۾ به چئلينج قبول ڪيو هو هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس اين آر او کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي خلاف ڪيس ٻيهر کلي ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں