ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ بابت تبديليون آڻڻ جو فيصلو، نيب جو ڪردار ختم ڪرڻ جي تجويز

0Shares

اسلام  آباد  (بيورو) ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ  ۾ نالا شامل ڪرڻ بابت  تبديليون آڻڻ جو فيصلو، نيب جو ڪردار ختم ڪرڻ جي تجويز.  تفصيل موجب  ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ  (اي سي ايل)  ۾ نالا وجهڻ جي حوالي سان اهم تبديليون آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان معاملي ۾ گهرو وزارت سفارشون تيار  ڪري ورتيون آهن جن جو جائزو قائم ڪميٽي  وٺندي.  ذريعن موجب اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو اختيار گهرو سيڪريٽري کي ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي آهي. ياد رهي ته ان کان پهرئين لاڳاپيل اٿارٽي کي حاصل هو جيڪا اٿارٽي ڪڏهن ڪابينا ۽ عدليه سمجهي ويندي هئي نين سفارشن ۾ لفظ “ لاڳاپيل اٿارٽي”  جي جاءِ تي گهرو سيڪريٽري لکڻ جي تجويز  ڏني وئي، ڪنهن به شخص جو ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيقات جي سطح تي نالو اي سي ايل ۾ نهويندو. جڏهن ته ٽن سالن کان اي سي ايل ۾ شامل نالا ڪڍڻ جي تجويز  ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ماڻهن جا نالا ڪڍيا ويندا، جن بابت عدالتي حڪم موجود نه هوندو. جڏهن ته ڪنهن به شخص جو نالو  اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ کان 7 ڏينهن پهرين لاڳاپيل ماڻهن کي آگاھ ڪرڻ لازمي هوندو. ڪيل سفارشن موجب ٽرائل  ڪورٽ يا اعليٰ عدليه جي حڪم تي نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿي سگهندا، اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ جو اختيار گهرو سيڪريٽري کي ڏيڻ هوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں