وزيراعظم ٿر صورتحال جو نوٽيس ورتو، 2 جديد موبائيل اسپتالون فراهم ڪرڻ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو. وزيراعظم عمران خان ٿر لاءِ 2 جديد ترين موبائيل اسپتالون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي ٿر لاءِ 2 جديد موبائيل اسپتالون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم اسپتالن لاءِ 4 ايمبولينسز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي فراهمي پنجن سالن تائين يقيني بڻائي وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران ،ٿر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار  ڪندي وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن کي ٿر لاءِ رليف پيڪيج جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم پاران ٿر بابت جوڙيل ڪاميٽي پاران  علائقي  جي صورتحال تي کيس جامع رپورٽ پيش ڪئي وئي .  ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران ٿر ۾ 40 هزار هيلٿ انصاف ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو ويو ، صحت ڪارڊ تي 6 لک رپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهبو . هيلٿ يونٽ جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي .  ذريعن اهو به ٻڌايو ته وفاقي حڪو پاران هنگامي بنيادن تي 6 ايمبولينسون  به ٿر کي ڏنيون وينديون ،وزيراعظم پاران غربت مٽايو پروگرام ايندڙ هفتي شروع ڪرڻ جو به امڪان آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں