حڪومت غريب عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0Shares

  اسلام آباد (بيورو) حڪومت غريب عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر  مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي اسلام آباد ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت  ناڻي وفاقي وزير اسد عمر  ڪئي، جنهن ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي اقتصادي رابطا ڪميٽي جلاس ۾ بجلي جي قميتن ۾ 3 روپيا 81 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري  ڏني وئي، مهيني ۾ 100 يونٽ استعمال ڪندڙ شهري تي 87 پئسا،  مهانگي، 200 يونٽ استعمال ڪندڙ تي هڪ رپيو 22 پئسن جي منظوري ڏني، جڏهن ته  3 سئو يونٽ استعمال ڪندڙ  تي 2 روپيا چار پئسا، 3 سئو يونٽ کان وڌيڪ بجلي ٻاريندڙ تي 3 روپيا 81 پئسا في يونٽ مهانگو ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں