والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم جاري، فائرنگ، 9 ڄڻا شهيد

0Shares

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام جي علائقي لارو ۾ احتجاج دوران فائرنگ ڪري 3ڪشميرن کي شهيد ڪيو. ڀارتي ظلمن خلاف ماڻهو احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي تي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ احتجاج ڪندڙ ڪيئي ڪشميري زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 6 ڄڻن زخمن جي سور نه سهندي دم ڏنو. جنهن کانپوءِ شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو. ڪاروائي ۾ ڀارتي فوج جي 2 اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي قابض انتظاميا ڪلگام ضلعي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں