هالا مان اغوا ٿيل شاگردياڻي مونيڪا بازياب نه ٿي سگهي، هندو برادري سراپا احتجاج، شٽربند هڙتال

0Shares

هالا (رپورٽ: مشتاق ميمڻ هالا مان اغوا ٿيل يارنهن ورهين جي هندو نينگري مونيڪا لوهاڻو جي اغوا خلاف هندو پنچائت جي سڏ تي هالا، ڀٽ شاهه،کنڊو، مٽياري ۽ نيو سعيدآباد جي هندو برادري دڪانن کي تالا هڻي شٽربند هڙتال ڪري هندو پنچائت جي اڳواڻن رميش ڪمار، نند ڪمار، ڪندن کتري، ايشور داس، سيٺ لال چند، گاگن داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه سرور نوح کان پريس ڪلب هالا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ هندو برادري توڙي هالا جي شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، ريلي کي پريس ڪلب هالا جي اڳيان اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي جو هالا جي انصاري گهٽي مان جوابدار مشتاق مهر پنهنجي ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ يارنهن ورهين جي معصوم نياڻي مونيڪا لوهاڻو کي اغوا ڪري ويا آهن جنهن کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن مگر هتان جي پوليس توڙي ضلعي انتظاميه جي روايتي سستي جي ڪري مونيڪا لوهاڻو اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته هي هندو نياڻي نه پر سڀني جي نياڻي آهي ۽ اگر اهڙيون ڪريل حرڪتون جاري رهيون ته ڪنهن جي به عزت محفوظ نه رهندي، هنن چيو ته اسان سنڌ جا ڌرتي ڌڻي آهيون ۽ اهڙيون زيادتيون هاڻ ڪنهن به صورت ۾ اسان برداشت نه ڪنداسون، اسان جي نياڻين کي اغوا ڪري اسان کي هيسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسون، هنن چيو ته اسان اڄ هي پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي اگر جلد کان جلد اسان جي نياڻي مونيڪا لوهاڻو کي بازياب نه ڪرايو ويو ته هي احتجاج هالا کان وڌي پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويندو، ان موقعي تي سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز ميمڻ، پروگريسو الائنس مٽياري جي صدر عبدالرشيد ڏيٿو، پ پ اڳواڻ صدورو ڏاهري، وشنداس راٺوڙ، ڪانتيش ڪمار ۽ ٻين پڻ ريلي کي خطاب ڪيو، ٻئي طرف هالا شهر مان مبينا طور اغوا ٿي ويل هندو نينگري يارنهن سالا مونيڪا لوهاڻو واري واقعي بابت ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد شاهه واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته پوليس کي مونيڪا لوهاڻو جي هٿ اچڻ ۾ ڪافي پيش رفت ٿي چڪي آهي، هن چيو ته مذڪوره واقعي جي آئون پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، مٽياري ضلع جا قابل پوليس آفيسرن تي مشتمل ٽيمون جوڙي رهيا آهيون جيڪي واقعي ۾ ملوث ماڻهن توڙي انهن جي حوارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هندو نينگري کي هٿ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ موبائل نمبر ٽريس ڪيا ويا آهن، هندو نينگري مونيڪا جي مبينا اغوا ۾ ملوث توڙي ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن جي استمال هيٺ موبائل فون جي روشني ۾ رڪارڊ هٿ ڪري جانچ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ چوويهن ڪلاڪن ۾ اسين مونيڪا کي هٿ ڪري وٺنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں