آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو ئي پوندو، احتساب کان ڊنل ماڻهو اين آر او ڪرڻ چاهين ٿا، ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندس: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياستدانن مان اڪثر ڏوهاري آهن ۽ ايترا ثبوت موجود آهن جو ڏوهاري بچي نه ٿا سگهن.اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مسئلو ناهي پر آءِ ايم ايف جون شرطون مسئلو آهن، عوام تي پهريان ئي تمام گهڻو وزن وجهي چڪا آهيون، وڌيڪ نه ٿا وجهڻ چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته عوام تي گهٽ ۾ گهٽ وزن پوي. هن چيو ته سياستدانن مان اڪثر ڏوهاري آهن، ايترا ثبوت موجود آهن جو ڏوهاري بچي نه ٿا سگهن، مان ڪنهن دٻاءُ ۾ نه ايندس ۽ آخر تائين ويندس ڪنهن چور، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري کي نه ڇڏيندس. وزيراعظم جو چوڻ هو ته موجودا اپوزيشن حقيقي اپوزيشن ناهي، موجودا اپوزيشن پنهنجون ملڪيتون بچائڻ لاءِ گڏ ٿي آهي. عمران خان شهباز شريف جو ذڪر ڪندي چيو ته شهباز شريف نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.  وزيراعطم چيو ته ڪنهن دٻاءُ ۾ نه ايندس آخري حد تائين ويندس ملڪي معيشت جي حوالي سان صورتحال غيريقيني واري ناهي آءِ ايم يف سان قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن هن چيو ته احتساب کان ڊنل ماڻهو اين آر او ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو هڪ مخصوص طبقو حڪومت خلاف ڪم ڪري پيو جنهن کي پنهنجي احتساب جو ڊپ آهي بجلي کا اگهه نه وڌايو ها ته گردشي قرض وڌي وڃن ها اها ڳالهه واضح آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃون پيا آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ناهي ملڪ سنگين صورتحال مان گذري رهيو آهي پئسا نه کڻون ته ڏيوالو نڪري ويندو هن چيو ته 50 لک گهرن واري منصوبو مڪمل ڪنداسين نيب چيئرمين سان ملاقات معمولي ڳالهه هئي جنهن تي اپوزيشن سياست ڪئي مشڪل حالتن مان جلد نڪري اينداسين سعودي عرب ۽ چين سان ڳالهين هلي رهيون آهن سياستدانن مان اڪثر محرم آهن هن چيو ته اسحاق ڊار کي واپس اچڻو پوندو ملڪ جو ڦريل ناڻو واپس آڻڻ واري اعلان تي قائم آهيان.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں