سنڌ طاس معاهدي تي ٻيهر غور جي تجويز، پاڻي ذخيرو ڪرڻ بدران سمنڊ ۾ ضايع ڪيو ويو: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي انتظام هيٺ پاڻي کوٽ جي حوالي سان ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري سمپوزيم کي خطاب ڪندي عالمي ماهرن ڪالاباغ ڊيم  جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته ڪالاباغ ڊئم ۾ مٽي گڏ ٿيڻ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ، منصوبو ملڪ جي لاءِ بهتر ناهي . سپريم ڪورٽ پاران ڪوٺايل سيمپوزيم جي ٻئي ڏهاڙي جي پهرين سيشن جي صدارت جسٽس گلزار احمد ڪئي.   ان موقعي تي خطاب ڪندي جسٽس گلزار چيو ته ڪـوٽڙي بئراج ۽ ان جي اڳيان ڊيم ٺاهي سگهن ٿا.  ان موقعي تي عالمي ماهر گريڪ مورس چيو ته  تربيلا  ڊيم جي صلاحيت تيزي سان ختم ٿي رهي آهي، ديامير ڀاشا ڊيم پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بهترين آپشن آهي.  هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي حوالي سان  وڌيڪ بهتر ناهي، تربيلا ڊيم جي ڊي سلٽنگ جي ضرورت آهي   گريڪ مورس جو  چيو ته ڪالاباغ ڊيم ڊيگهه جي  حوالي سان تربيلا کان وڏو آهي،ڪالاباغ ڊيم ۾ مٽي جمع ٿيڻ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو.پاڻي ماهر ڊونلڊ بليڪ مور چيو ته پاڻي مئنيجمنيٽ جي حوالي سان قدم کڻڻا پوندا ،پاڪستان کي پاڻي ذخيرا تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي.پاڻي ماهر اظهار هنزائي چيو ته پاڪستان ۾ 2هزار 66  ڪيوبڪ ڪلوميٽر گليشيئر آهي.هنزائي چيو ته گلگت بلتستان کي هڪ هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جوا ختيار ڏنو  وڃي. پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.  زندگي ۽ پاڻي لازم ۽ ملزوم آهن.  ڊيم فنڊ ۽ مليل رقم امانت آهي. ڊيم فنڊ ۽ ڪنهن کي به ڪڪ بيڪس وٺڻ نه ڏيندس. چيف جسٽس چيو ته اسان جو نسل پاڻي کان محروم ٿي وڃي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.   پاڪستان اسان کي تحفي ۾ ناهي مليو. پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي وئي، پاڻي ڪنهن فارمولي تحت ٺاهي نٿو سگهجي. 40 سال پاڻي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو. مون کي پاڪستان جي آئين سان پيار آهي.  هن چيو ته ڪراچي ۾ اهڙو پاڻي ڏيکاريو ويو جنهن ۾ گند ڪچرو مليل هو. ملڪ جي آبادي وڌندي  وڃي ٿي ۽ پاڻي گهٽجي ويو. پاڪستان ۾ گهڻو پاڻي موجود آهي. هن چيو ته قوم سان ظلم ڇو ڪيو ويو. پاڻي ذخيرن  بابت  قدم نه کنيا ويا ته مشڪل ٿي ويندو.  دنيا جا ماهر  متفق آهن پاڪستان پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيوآهي. جيڪو پاڻي اسان کي جمع ڪرڻو هو سو سمنڊ ۾ ضايع ڪيو ويو.  اها ڳالهه نٿو ڪيان ته سندس طاس  معاهدو سٺو هو يا خراب پر پاڻي جي ضرورت کي ظاهر نه ڪيو ويو هن چيو ته آئين تحت ڏنل بنيادي حق  مقدس آهن. عدليه اسان جي بنيادي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. بنيادي حقن تي عمل عدليه ۽ پارليامينٽ جي  ذميواري آهي.  مان اهڙو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان جو منهنجا ٻارڙا پاڻي لاءِ  ترسن.  هن چيو ته پاڻي سبب پنهنجي ٻارڙن جي زندگي ختم ٿيندي ڏسي نٿو سگهان.  آئين شهرين کي برابر جا حق ڏئي ٿو. هر شهري کي پنهنجي بنيادي حقن جو علم هئڻ گهرجي. بنيادي حق يقيني بڻائڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪئي. آئين عدليه کي بنيادي حقن جو تحفظ سونپيو آهي. پاڻي مسئلو اقتصادي  ترجيح ۾ شامل هجڻ گهرجي. ٻئي طرف پاڻي سمپوزيم جي پڄاڻي تي جاري ڪيل پڌرنامي  ۾ چيو ويو ته پاڻي چئلينجن  کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم وسيلي آگاهي ڏني وڃڌي. واپڊا جي صلاحيت وڌائي  وڃي.  پاڻي ذخيرن جي تعمير لاءِ اقتصادي  معاملا ترجيح  هجڻ گهرجن. پاڻي ذخيرن  لاءِ موثر نظام جوڙيو وڃي.  سنڌ طاس معاهدي تي ٻيهر  غور ڪيو وڃي، پاڻي ورڇ ۾ جديد طريقا استعمال ڪيا وڃن.  ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ذمين جي معاملي تي اسان سڀ گڏ آهيون. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي واٽر سمپوزيم ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. حمزه شهباز شريف چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ديامر ڀاشا ڊيم جي 48 هزار ايڪڙ زمين خريدي ڀاشا ڊيم مان 16 هزار ميگا واٽ بجلي بڻجندي جڏهن ته ڊيم 12 ارب ڊالرن جو منصوبو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم سياست جي ور چڙهي ويو، ڪالا باغ بڻجي وڃي ها ته سستي بجلي پيدا ٿئي ها، دشمن ملڪ چوي ٿو ته پاڪستان اُڃ مارينداسين، دشمن سمجهي وٺي ته پاڪستان ۽ ڊيمن جي معاملي تي اسان سڀ گڏ آهيون، سپريم ڪورٽ جو ڊيمن جي تعمير وارو قدم تعريف جوڳو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں