ڊالر جو ملهه گهٽجي ويندو، آءِ ايم ايف ڏانهن آخري ڀيرو پيا وڃن: اسد عمر

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وفاقي ناڻي وزير اسدعمر چيو آهي ته آخري ڀيرو آءِ ايم ايف ڏانهن وڃي رهيا آهيون اسان ڪڏهن به اها دعويٰ ناهي ڪئي ته آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ٽرانسپيرنسي آڻينداسين ايندڙ ستن کان 8 مهينن ۾ ڊالر جي ملهه ۾ 26، 27 سيڪڙو لاٿ ٿيندو ڪاروبار ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر تي ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جي قيادت بهترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهترين گروٿ آهي ڪاروبار ۾ لاها چاڙها ۽ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي پر سيڙپڪارن ۾ اعتماد اسٽاڪ مارڪيٽ لاءِ ضروري اهي اڪانومي وڌندي ته اسٽاڪ مارڪيٽ به وڌندي پر ڪابه خطري جي گهنٽي نه پئي وڄي ميڊيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي صورتحال خراب نظر اچي رهي آهي پر اهڙو ڪجهه نه آهي اسد عمر چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ڪافي مهانگو ڪيو ويو آهي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ٽيڪسيشن جي ڪري گهٽ آهي ته ان کي ٺيڪ ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر ڪرڻو آهي جڏهن ته پاڪستان جي برآمدات وڌائي رهيا آهيون ۽ درامدات گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا آهن تجارتي خسارو هن کان وڌيڪ گهٽ ٿيندو ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون ڪيپيٽل مارڪيٽ جي بهتري لاءِ به ڪم ڪنداسين ناڻي وزير چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو اڍائي ارب ڊالر مان وڌي 18 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. پاڪستان پهريان به 18 ڀيرا آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃي چڪو آهي هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں