بينظير ڀٽو ظالماڻي نظام جو ساٿ ڏيندي پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرايو: غنويٰ ڀٽو

0Shares

لاڙڪاڻو/نئون ديرو/رتيديرو (نمائندن وٽان) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئر پرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته بينظير ڀٽو وزير اعظم جي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ مرتضيٰ کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو هيو مرتضيٰ جي خون جي سازش تڏهن شروع ٿي جڏهن بينظير اقتدار حاصل ڪيو ان وقت مرتضيٰ جي مٿان ڪيس داخل هئا، مرتضيٰ ۽ شاهنواز رياست لاءِ دهشتگرد هئا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ان رياست لاءِ مجرم هيو ۽ ان ئي رياست جي بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي وئي، مرتضيٰ، بينظير کي چيو هيو ته آپوزيشن ۾ ويهه ۽ تون ڪيئن هن رياست جي وزيراعظم ٿيندي جنهن رياست جو آرمي چيف چوي ٿو ته تنهنجو پيءُ هن رياست جا مجرم ۽ تنهنجا ڀائر هن رياست جا دهشتگرد آهن. جيڪڏهن تون هن رياست جي وزيراعظم ٿينديءَ ته پوءِ تون به پنهنجي ڀائرن جي دشمن ٿي وينديءَ. ان وقت کان مرتضيٰ جو مقدر مقرر ٿي ويو ليڪن ان جي شهادت کان ٽي اڳ کيس وزير اعظم هائوس کان دعوت ملي هئي ته اچو ته صلح ڪيون پر پارٽيءَ وڏي مخالفت ڪئي ته توهان وزيراعظم هائوس نه وڃو، اها هڪ سازش آهي پر خبر نه آهي ته ڇا جي سازش آهي جڏهن مرتضيٰ وزير اعظم هائوس پهتو ته ڪا به صلح جي ڳالهه نه ڪئي وئي. ان وقت وزير اعظم هائوس ۾ آصف علي زرداري به موجود هيو آصف زرداري مرتضيٰ ڀٽو کي چيو ته تون منهنجي خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهين جنهن تي مير وراڻيو ته هان مان اهو چئي رهيو آهيان جيڪو تون ڪري رهيو آهين. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 22 هين ورسي جلسي کي خطاب ڪندي غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته ٽن مهينن کان بعد مرتضيٰ شهيد ٿي ويو، وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل صلح جي ميٽنگ هڪ بهانو هيو. مرتضيٰ جو قتل ٿيڻ هيو ڇو ته وزيراعظم ان آپريشن جي اجازت ڏني هئي ڪا به پوليس وزير اعظم جي ڀاءُ کي ائين ماري نه ٿي سگهي شعيب سڊل جو اڄ به رڪارڊ تي بيان موجود آهي ته مرتضيٰ ۽ سندس ساٿين کي رستي تان گرفتار نه ڪريون ڇو ته هي هڪ خطرناڪ آپريشن آهي جنهن ۾ هو مري به سگهي ٿو مرتضيٰ ۽ ساٿين کي گهر مان گرفتار ڪريون ۽ پوءِ هو محفوظ رهندو پر بينظير ڀٽو ان جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ مير مرتضيٰ جي دوستن کي رستن تان گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ چوندي هئي ته منهنجي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، شايد سازش ڀٽو جي خلاف وڏي سازش هئي ان جي ڪري ان کي ٻاهر رهڻ گهرجي ها پر بينظير دشمني جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو، دمشق کان واپس اچڻ تي مير مرتضيٰ کي ڪنهن روڪيو؟ مير کي ڪنهن جيل ۾ بند ڪرايو؟ علي سوناري کي ڪنهن گرفتار ڪرايو؟ المرتضيٰ هائوس تي ڪنهن حملو ڪرايو؟ جنهن ۾ اسان جا ٻه ڪارڪن شهيد ٿي ويا، ڪنهن اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو؟ توهان جي دشمني جي ڪري ئي سڀ ڪجهه ٿيو. شاهد حيات ۽ سراج دراني زرداري جا دوست هئا ۽ جاءِ وارڌات تي موجود هئا واجد دراني ٽريفڪ ڇڏي بيٺو هيو ۽ بجلي بند ڪرائي هئي. ذيشان ڪاظمي وڻن وٽ شارپ شوٽرن سان گڏ بيٺل هيو جيئن هو ڪنهن جو انتظار ڪري رهيا هجن ۽ ان جي گاڏيءَ جو شيشو به ڀڄي پيو هيو حق نواز سيال کي مارڻ جو حڪم ڏنو ويا ۽ شاهد حيات پنهنجو پاڻ کي گولي هنئين ذيشان ڪاظمي ۽ ان جي شوٽر ساٿين يارمحمد بلوچ ۽ سجاد چانڊيو کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ راءِ طاهر شقيب قريشي ۽ واجد جتوئي کي شهيد ڪيو اهي سڀ حقيقتون آهن. هن چيو ته اهي سڀ ڀٽو جو نالو ۽ نشان مٽائڻ جون سازشون ڪيون ويون هيون، پر ڀٽو جو روح اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. سڀ کان پهرين اها سازش ميڊيا کي لکڻ جي جرئت ته نه هئي پر صحافين جي ذهنن ۾ موجود هئي چون ٿا ته مرتضيٰ جي ساٿيءَ زرداري جون مڇون ڪيئن ڪتريون هيون صحافي مون کان پڇندا آهن ته 16 تاريخ جي رات آصف زرداري جون مڇون ڪنهن ڪتريون هيون؟ ته مان کين چوندي آهيان ته زرداري زنده آهي ان کان وڃي پڇا ڪيو؟ ڇو ته مان آصف زرداري جي مڇون ڪٽڻ جي ذميوار نه آهيان. مرتضيٰ جي شهادت تي آصف زرداريءَ جون مڇون ڪنهن ڪتريون هيون؟ مرتضيٰ مڇون ڪٽڻ جي سازش ۾ شهيد نه ٿيو آهي. مرتضيٰ جي شهادت هڪ وڏي سازش هئي. اسان جو بهادر ڪارڪن ۽ ساٿي پوليس هٿان شهيد ٿي ويو، ان تي حملو ان وقت ڪيو جڏهن اسان جي پارٽي ورڪرن پر امن جلس ڪڍيو هيو. توهان اميدن جو ساٿ نه ڇڏيو اسد عمراڻيءَ جي شهادت حڪمرانن جي ڪفن ۾ هڪ ڪوڪو آهي. اڄ مير جي ورسي نه پر سالگره آهي. شهيدن جيسان انصاف لاءِ جلوس نه ڪڍندا سين پر معاشي، سماجي ۽ سياسي جنگ ڪنداسين. اسان سڀ گڏجي آواز بلند ڪنداسين. اسد عمراڻي کي شهيد ڪري حڪمرانن اسان کي جنگ جو پيغام ڏنو آهي. امير ۽ غريبن جو ڪڏهن به ساٿ نه ٿو هلي سگهي. توهان کي الذوالفقار تنظيم ياد آهي اها تنظيم ختم ٿي وئي آهي پر ان جو روح توهان ۽ اسان ۾ اڄ به موجود آهي ۽ اهو ڪڏهن ختم نٿو ٿي سگهي. اسان هٿيارن سان نه پر سماجي ۽ معاشي طريقي سان جنگ ڪنداسين هن جلسي گاهه ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي سڀ منهنجا الذوالفقار آهن. غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي امير ماڻهن کي گفٽ ڪري غريب هارين جون زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن.جيستائين سامراج ختم نه ٿيندو تيستائين پاڻيءَ جي چوري ختم نه ٿيندي. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان به اميرن جو آهي غريبن جو نه جي غريبن جو چيف جسٽس هجي ها ته ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي نظام کي نافظ ڪري ها. پر هي چيف جسٽس اميرن جو چيف جسٽس آهي ۽ امير طبقو سامراجي قوتن جو غلام آهي. ان لاءِ ڀاشا ۽ ديامير ڊيم سامراجي منصوبا آهن، جيئن تربيلا، منگلا ۽ ڪالاباغ ڊيم آهن. هن ملڪ ۾ بجليءَ تي تمام گهڻا ٽيڪسز لاڳو آهن ڇاڪاڻ ته جيئن بجلي فقط اميرن لاءِ هجي ۽ اهو به سامراجي سازش جو حصو آهي. امير پاڻي جي چوري ڪن ٿا ۽ پوءِ به چون ٿا ته پاڻي ناهي. اوهان سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي وڃي ڏسو ته پاڻيءَ جا وڏا وڏا پمپ اميرن جي ڪمند جي فصلن ۾ لڳل آهن جنهن ڪري غريبن لاءِ پاڻي نٿو بچي. اسان پنهنجي مقدس پاڻيءَ سان حڪمرانن جا قرظ لاهي رهيا آهيون ۽ جيستائين سامراجيت ختم نه ڪنداسين تيستائين پاڻيءَ جو بحران رهندو. اڃان به جيڪڏهن حڪمرانن نه سمجهيو ته عرب ملڪن جيان اسان جي ملڪ ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو. اسان  چائنه، آمريڪا، روس، ڪئناڊا، هندستان جون نظرون اسان جي ملڪ تي آهن. برطانوي راڄ کان پهرين اسان بکيا نه هئاسين. برطانوي راڄ کانپوءِ اسان بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهيون ۽ رهنداسين جيستائين اهو ظالماڻو نظام ختم نه ڪنداسين. هن ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ نه پر انصاف جي کوٽ آهي. هر لحاظ کان انصاف جي کوٽ آهي. اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ مظلوم مزدور ۽ پورهيت طبقو آهي ۽ انهن ۾ خاص ڪري اناج اپائيندڙ هاري وڌيڪ مظلوم آهن. اڄ انهن کي ئي خوراڪ ميسر نه آهي جيڪي خوراڪ اپائين ٿا. فيروزه لاشاري چيو ته جيڪي هن ڌرتيءَ لاءِ شهيد ٿيا ۽ جدوجهد ڪئي انهن کي سلام پيش ڪريان ٿي. اسان اڄ به انصاف لاءِ سڪندا رهون ٿا. جڏهن هن ملڪ جي هيروز کي انصاف نٿو ملي ته عام ماڻهن کي انصاف ڪيئن ملندو؟ جيڪڏهن جدوجهد ڪريون ٿا ته اسان به شهيدن يا مسنگ پرسن جي لسٽ ۾ هليا وينداسين. سياست ۽ سياستدان خراب نه هوندا آهن، پر ان ۾ موجود ڪجهه ماڻهو خراب هوندا آهن جيڪي سسٽم کي خراب ڪندا آهن. پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر علي احمد پليپوٽو چيو ته سنڌ ۾ غير ملڪين کي آباد ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪيتون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارا فيصلا گن پوائنٽ تي نٿا مڃرائي سگهجن. بلوچستان ۾ لاشن جا تحفا ڏنا وڃن ٿا. اسيمبليءَ ۾ ويٺل بي ضمير، گونگا، انڌا ۽ ٻوڙا آهن جن کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. ان موقعي تي سليم شاهه، مشال خان جو والد اقبال خان، افضل خاموش، يوسف خان، تيمور رحمان، رباب مريد، ابرار شاهه، شمائلا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پ پ شهيد ڀٽو ڊويزنل صدر عنايت علي عمراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي قائد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿين جي قتل تي ڇو انصاف نٿو ملي، ٻه ڀيرا 2009 ۽ 2010 ۾ مونکي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان مير جا سپاهي آھيون شهادت اسان کي ورثي ۾ مليل آھي جڏهن مونکي نه جهڪائي سگهيا ته منهنجي ڀاءُ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ اسد علي عمراڻي کي شهيد ڪيو ويو، اسان شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي فڪر فلسفي تي هلي رهيا آھيون، پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ذولفقار علي ڀٽو جي پيروي تي هلي رهيو آھي، عمران خان چورن جي نئون پاڪستان کان عوام توبھ ڪئي انهن کي پراڻو پاڪستان کپي. شهيد مشال خان جي والد هوش اقبال جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مشال خان ۽ اسد علي عمراني کي ان ڪري شهيد ڪيو ويو ڇو ته هن حق جي ڳالھه ڪئي، فيروزه لاشاري خطاب ڪندي چيو ته ڌرتي لاءِ قربان ٿيندڙ  سڀني شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿي، سياست ۽ سياست دان خراب نه آھن پر ان ۾ ڪجھه ماڻهو خراب اچي ويا آھن، اسان جي جوانن کي کنڀي قتل ڪيو وڃي ٿو، اسان جي عوام کي تعليم، صحت نه پيو ڏنو وڃي، رياست کان مطالبو ٿا ڪريون ته جيڪي مسنگ پرسن آھن انهن کي ظاهر ڪيو وڃي، چون ٿا پاڪستان جو خزانو کالي آھي اسان ته پٽاٽا دال چانور گيهه بصرن کان وٺي هر هڪ شبعي تي ٽئيڪس ڏئي رهيا آھيون پوءِ ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي آھي، عمران خان ٿو چئي ته ڪنهن کي به نه چڏيندس پر خدارا اسان عوام کي ته بخش، چورن کي نه ڇڏيندس هر وقت ائين ٿو چئي پر پاڻ پنهنجي چارئي پاسي چور ويهاريون ويٺو آھي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ٻين مرڪزي اڳواڻن چيو ته شهيد ميرمرتضيٰ قتل ڪيس کي ري اوپن ڪري شهيد اسدعلي عمراني جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں