پاڻي معاملي تي 40 سالن تائين مجرماڻي غفلت ڪئي وئي، جيئو ۽ مرو واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو ڊيمن ۾ اضافي لاءِ عدليه به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي پاڻي پاليسي جي نفاذ ۾ انتظاميه جو خاص ڪردار آهي اسان کي پنهنجي قوم کي سڪائڻ ۽ ڏڪار کان بچائڻو پوندو پاڻي جي استعمال ۾ وڌ ۾ وڌ احتياط ۽ سادگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جمعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هدايت تي پاڪستان لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ پنهنجي نوعيت جي هن پهرين ڪانفرنس جو افتتاح صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيو جنهن جي سربراهي چيف جسٽس ڪري رهيو آهي پاڻي جهڙي عظيم نعمت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڻي کان سواءِ زندگي جو وجود ناممڪن آهي انسان خوراڪ کان سواءِ ته زنده رهي سگهي ٿو پر پاڻي کان سواءِ نٿو رهي سگهي چيف جسٽس ان خدشي جو اظهار ته پاڪستان جا پاڻي جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿي چڪا آهن ۽ مستقبل ۾ ملڪ پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو چيف جسٽس چيو ته پاڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ عدليه به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر پاڻي پاليسي کي نفاذ ۾ انتظاميه جو خاص ڪردار آهي هن پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ وڏن وڏن ڊيمن جي اڏاوت لاءِ سرمايو نه آهي ان لاءِ ڊيم فنڊ قائم ڪيو چيف جسٽس ثاقب نٿار چيو ته ماضي ۾ پاڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو پر اسان کي پنهنجي قوم کي خشڪ ۽ ڏڪار کان بچائڻو پوندو ۽ پاڻي جو استعمال احتياط ۽ سادگي سان ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته پاڻي معاملي تي 40 سالن تائين مجرماڻي غفلت ڪئي وئي، ڊيمن جي اڏاوت اڻٽر آهي، هاڻي جيئو ۽ مرو واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اسان کي جيئڻو آهي اسان وٽ ڊيمن جي اڏاوت لاءِ سرمايو ناهي ان لاءِ ڊيم فنڊ قائم ڪيو ماضي ۾ پاڻي ذخيرن ۾ اضافي تي ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي اسان کي قدم کي ڏڪار کان بچائڻو پوندو، ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته ڊيمن جي معاملي تي صوبن وچ ۾ بي اعتمادي آهي، صوبن وچ ۾ بي اعتمادي ختم ڪري ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا پاڻي جي ضرورت زراعت لاءِ لازمي آهي بي اعتمادي سبب ڊيمن جي مخالفت ٿي رهي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں