“دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن” فنانشل ٽاسڪ فورس جو پاڪستان کان ڊومور جو مطالبو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ  فورس وچ ۾ ڳالهيون مڪمل گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي 6 مهينا مهلت دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون ٽاسڪ فورس جي وفد اسد عمر ۽ پاڪستان اختيارين سان آخري ملاقات ڪري شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي ٽاسڪ فورس چيو آهي ته پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو سڀ کان وڏو مسئلو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار آهي دهشتگردن جي مالي مدد جي رقم ان ڪاروبار ۾ لڳائي ويندي آهي غيرقانوني رقم غيرمنافعي بخش تنظيمن ۽ ٽرسٽ جي آڙ ۾ لڪائي ويندي آهي ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ريئل اسٽيٽ مالي ڏيتي ليتي غيرمنافعي بخش تنظيمن جو رڪارڊ رکڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ٽاسڪ فورس پاڪستان کان ڊومور جو مطالبو ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ٽاسڪ فورس پنهنجي پهرين رپورٽ 19 نومبر تي پاڪستان کي ڏيندو، مارچ يا اپريل 2019ع ۾ وفد ٻيهر پاڪستان  جو دورو ڪري جولاءِ ۾ پاڪستان بابت رپورٽ پڏري ڪندو. ٻئي طرف ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان  مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ مقرر ڪيل عالمي معيار تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير اسد عمر سان ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پيسفڪ گروپ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ايشيا پيسفڪ گروپ جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري گورڊن هڪ ڪئي. وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي مقصدن ۽ پنهنجي ترسڻ دوران مختلف اسٽيڪل هولڊرن سان ٿيل ملاقات بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ مقرر ڪيل عالمي معيار تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان ايشيا پيسفڪ گروپ ۽ ايف اي ٽي ايف سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو عزم آهي. هن چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں