ابوظهبي ٽيسٽ: ڪينگروز کي 373 رنسن تان عبرتناڪ شڪست، سيريز 0-1 تان پاڪستان جي نانءُ

0Shares

ابوظهبي ( اسپورٽس نيو ز) پاڪستان ابوظهبي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي 373 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سريز 0-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. محمد عباس جي شاندار بالنگ سبب ڪينگروزٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهي سگهي ۽ عثمان خواجه جي زخمي هئڻ ڪري غيرموجودگي سبب پاڪستان مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان مئچ ۾ جتي بيٽسمينن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو اتي محمد عباس مئچ ۾ گڏيل طور تي 10 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو کيس مئچ ۽ سريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. محمد عباس پهرين اننگز ۾ 33 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون ۽ ٻي اننگز ۾ 62 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون حاصل ڪيون محمد عباس يو اي اي ۾ ٽيسٽ مئچ ۾ 10 وڪيٽون وٺندڙ پهريون فاسٽ بالر بڻجي ويو. ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري مئچ ۾ راند جي چوٿين ڏينهن ايرون فنچ 24 ۽ ٽريوس هيڊ 17 رنسن تان نامڪمل اننگز جو آغاز ڪيو، ٻنهي بٽيسمينن ٽيم جو اسڪور 71 تائين پهچايو ته ٽريوس هيڊ 38 رنسون ٺاهي پويلين روانو ٿيو .ٻين رانديگرن اوپنر ايرون فنچ 31، شان مارش 5 ۽ ڪپتان ٽم پين ٻُڙي، مچل اسٽارف 28 ۽ پيٽرل سيڊل 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد عباس شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٻي اننگز ۾ پڻ پنج شڪار ڪيا جڏهن ته ياسر شاهه جي حصي ۾ 3 وڪيٽون آيون. محمد عباس کي بهترين بالنگ ڪرائڻ تي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. گذريل ڏينهن قومي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 400 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 538 رنسن جو هدف ڏنو. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ فخر زمان ۽ سرفراز احمد جي 94، 94 رنسن جي اننگز جي مدد سان 282 رنسون اسڪور ڪيون هيون جنهن جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 145 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي ڪينگروز تي 137 رنسن جي سرسري حاصل ٿي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں