پرينيتي چوپڙا فواد خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز ) پرنيتي چوپڙا بالي ووڊ ۾ پاڪستان فنڪارن جي پابندي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هوءَ فواد خان سان گڏ ڪرڻ جي خواهشمند آهي. اداڪارا پرينتي چوپڙا پنهنجي انٽرويو ۾ فلم ” نمسي انگلينڊ“ ۾ پاڪستان راڳي عاطف اسلم ۽ راحت فتح علي خان جي آواز شامل ڪرڻ تي بالي ووڊ جي ڪجهه فردن کي ٿيندڙ مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ان کان اڳ به فلم ” ڪل دل “ ۾ پاڪستان اداڪار علي ظفر سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي. پرينتي چوپڙا علي ظفر جي تعريف ڪندي چيو ته کيس بلڪل به ائين محسوس نه ٿيو ته علي جو تعلق ڪنهن ٻئي ملڪ سان آهي، اسان ماڻهو بلڪل هڪ جهڙا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان جا ملڪ ورهاڱي کان اڳ هڪ ئي هو. اسان جي انڊسٽري ۾ ڪيترائي ماڻهو جهڙوڪ ميڪ اپ آرٽسٽ، هيئر اسٽائلسٽ وغيرا جو واسطو ڏکڻ آفريڪا سميت ٻين ملڪن سان آهي ۽ اسان کي ان شيءَ مثبت انداز ۾ وٺڻ گهرجي تنهن ڪري ذاتي طور تي بالي ووڊ ۾ پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جي خلاف آهيان. پرنيتي چوپڙا فواد خان سان گڏ ڪم ڪرن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته مان علي ظفر سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم ڪريان، ۽ پاڪستان اداڪار فواد خان سان به ڪم ڪرڻ جي به خواهش اٿم، فواد خان اسان جي انڊسٽري جو بهترين اداڪار آهي ۽ جيڪڏهن مونکي موقعو مليو ته هڪ ڀيرو ساڻس ضرور ڪم ڪنديس.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں