بالي ووڊ جي ناليواري شاعر سمير، انو ملڪ تي لڳايل الزام کي رد ڪري ڇڏيو

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ فلم لاءِ گيت لکندڙ شاعر سمير انجان انو ملڪ تي لڳندڙ جنسي هراساني جي الزامن تي سندس حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو. بالي ووڊ شاعر سمير انجان ڀارتي موسيقار انوملڪ تي ڳائڻي شوئيتا پنڊت طرفان لڳايل جنسي هراساني وارا الزام رد ڪندي چيو آهي ته 2001 ۾ جڏهن شوئيتا پنڊت پنهنجي والد سان گڏ آڊيشن امپائر اسٽوڊيو آئي هئي ان وقت مان به اتي موجود هيس، انو ملڪ شوئيتا کي پٽ چئي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽ توهان ڪجهه گيت ٻڌائڻ چاهيو ته ته ٻڌايو. شوئيتا ان وقت چيو ته مان ٻئي ڪمري ۾ گيت ٻڌائڻ چاهيان ٿي جنهن انو ملڪ چيو ته هتي سمير جي پڻ موجود آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته هو به توهان جو آواز ٻڌي، گيت ختم ٿيڻ کانپوءِ انو ملڪ شوئيتا کي چيو ته توهان جو آواز تمام سٺو آهي اسان توهان کي ضرور ڪم ڏينداسين ان کانپوءِ هوءَ اتان هلي وئي هئي. منهنجي لاءِ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ماڻهو بنا ثبوت جي انو ملڪ تي الزام مڙهي رهيا آهن جڏهن ته هن شوئيتا سان ڪا به غلط حرڪت ناهي ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں