“تلوارون سياستدانن تي لٽڪيل آهن، ڊڪٽيٽرن جو احتساب ناهي ٿيندو” قومي اسيمبلي ۾اپوزيشن جي حڪومت تي ڇتي تنقيد

0Shares

اسلام آباد (بيورو) قومي اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ٿيو. قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ گرما گرم بحث ٿيو اجلاس کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ذڪر ڪيو ۽ سندس بيماري تي سندس صحتيابي جي دعا سان گڏوگڏ شعر پڻ پڙهيو، هن چيو ته ٻڌو آهي پرويز مشرف بيمار آهي، اللهکيس صحت عطا ڪري. خواجه آصف شعر پڙهيو يه وقت ڪس ڪي رعونت پي خاڪ ڍال گيا يه ڪون بول رها ٿا خدا ڪي لهجي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير حڪومت تي به تنقيد جا تير وسائيندي چيو ته انهن کي ٻئي ڏينهن ئي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پئجي ويو ۽ ميڙ منٿن تي لهي آيا. سندس چوڻ هو ته نوي جي ڏهاڪي ۾ هڪ ٻئي کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو جيڪا جاءِ ٺهي انهن تي ٻين قبضو ڪري ورتو، اسان پنهنجي غلطين مان سکيو ۽ ميثاق جهموريت سامهون آئي، اهو اسان جي غلطين مان ئي سکي وٺو، غلطيون ڪري پنهنجي دور کي ڇو داغدار ڪرڻ چاهيو ٿا. جڏهن ته اجلاس کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي فواد چوڌري چيو ته موجودا حڪومت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تي ڪو به ڪيس ناهي ٺاهيو، سمورا ڪيس اڳوڻي حڪومتي دور ۾ داخل ٿيا. قومي قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته نيب ۾ اسان جو هڪ پٽيوالو به ناهي، نيب چيئرمين به موجودا مخالف ڌر جي گڏيل اتفاق سان مقرر ڪيو ويو. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ ن ليگي قيادت خلاف سمورا ڪيس اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ٺهيا، ۽ حڪومت شهباز شريف ۽ نيب جي معاملي ۾ رنڊڪ نه وجهندي. سندس چوڻ هو ته نيب هڪ آزاد ادارو آهي ۽ جاچ ۾ رنڊڪ نه وجهنداسين، جيڪڏهن مخالف ڌر سمجهي ٿي ته نيب قانون ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اسان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، مخالف ڌر قانون ۾ ترميم لاءِ تجويز آڻي. فواد چوڌري چيو ته سياسي انتقام جي ڪاورائيون موجودا مخالف ڌر اڳواڻ شروع ڪيون، عمران خان تي 32 ڪيس هئا جن مان 8 دهشتگردي جا هئا. ، ان کان اڳ اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته پارليامنٽ ان لاءِ ناهي ته هتي بحث ڪريون ۽ هليا وڃون، رياست اندر جيڪي خراب حالتون پيدا ٿينديون آهن، انهن تي پارليامنٽ هائوس ۾ بحث ڪيو ويندو آهي، آئين چوي ٿو ته پارليامنٽ ادارن جي ماءُ آهي، ادارن لاءِ قانون ۽ آئين جوڙيندي آهي، حقيقت ته اها آهي ته پارليامنٽ سپريم آهي، پ پ سدائين پارليامنٽ جي سپر ميسي لاءِ ويڙهه وڙهي آهي ۽ اسان کي وڙهندي 50 ورهيه گذري چڪا آهن. پاڪستان سڀ تلواريون سياستدانن تي لٽڪنديون آهن، جن ملڪ ٽوڙيو، مارشل لاءِ هنئي انهن کي ڪير ڪجهه ناهي چوندو. قومي اسمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1988 کان هن وقت تائين پهريون ڀيرو مخالف ڌر اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو. سيد خورشيد چيو ته سمورا ادارا پنهنجي اختيارين جي دائري ۾رهي ڪم ڪن ته پاڪستان جو عوام بک نه مري. هن چيو ته اسان ورهايل آهيون ته اهي ماڻهو کٽي اچن ٿا جيڪي ملڪ کي تباهه ڪندا آهن، اسان جڏهن ورهايل آهيون ته اهي ماڻهو ٻيهر اقتدار ۾ اچي وڃن ٿا جيڪي ڊڪٽيٽر آهن.  هن چيو ته هارين کان پڇو ته يوريا ڀاڻ 1500 رپين جو هو اڄ اهو 1850 رپين جو ٿي ويو آهي، ڊي اي پي جي قيمت 2700 رپيا هئي اڄ 3600 آهي، ماني ست ۽ نان 10 رپيا اڄ ماني 10 ۽ نان 15 رپين جو ٿي ويو آهي، ڇا هاري ۽ تندور وارا امير ماڻهو آهن. سيد خورشيد شاهه چيو ته هي آهي اُها تبديلي جيڪا اچي رهي آهي. پاڪستان تي قرض انڪري وڌايو ڇاڪاڻ جو دنيا جو اعتماد ختم ٿي ويو، اسان جي اسٽاڪ اڪسچينج 52 هزارن مان ڪري 36 هزارن تي اچي وئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان جي پارٽي جهموريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن . خورشيد شاه فواد چوڌري تي تنقيد ڪندي چيو ته 2008 کان 2013 تائين ڇا ٿر نه هو؟ ان وقت ڇو تعريف ڪندا هئا؟ اڄ ٿر ياد آيوآهي  توهان کي ، شرم هوندي آهي ڪو حيا هوندو آهي، ايڏا تي بي شرم آهيو ڪالهه هڪ ٿالي ۾ کائي آيا آهيو ڪجهه حيا ڪيو، اسان جي چيئرمين کي به احساس ٿيڻ گهرجي ها ته هنن گڏهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري  ها، اسان سڀني کي هنن گڏهن کان پاڻ بچائڻ گهرجي، پي ٽي آءِ کي به بچڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو جيڪي وڙهي وڙهي آيا آهن اڄ اهي معصوم ٿي ويٺا آهن، سندس چوڻ هو ته اسان انڪروچمنٽ ڪرڻ جا عادي آهيون، ادارا هڪ ٻئي تي انڪروچ ڪندا آهن، خواهش آهي ته خدا جي واسطي سڀ ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪن ۽ پارليامنٽ کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، پارليامنٽ وارا به پنهنجو ڪم ڪن ته عوام بک نه مري، اسان کي سياست کي سياست سمجهڻ گهرجي. خورشيد شاهه فواد چوڌري جي هيلي ڪاپٽر واري بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته هن حڪومت ۾ هيلي ڪاپٽر جو ڪرايو 55 رپيا في ڪلوميٽر آهي جيڪا حڪومت جي تاريخي ڪاميابي آهي، هي تمام وڏي تبديلي آهي، پوءِ به جيڪڏهن توهان چئو ته تبديلي ناهي آئي، هي تبديلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي! خورشيد شاهه فواد چوڌري ۽ بيئرسٽر فروغ نسيم جو نالو وٺڻ کانسوا3 به انهن ڏانهن اشارا ڪندي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هتي مشرف جا وڪيل ويٺا آهن، هي تمام سٺا ماڻهو آهن پر رهيا مشرف جا وڪيل آهن، اڄ ان جي وڪالت ڇڏي هتي آيا آهن، سڀني کي خبر آهي ته مشرف سان گڏ ڪير هئا، اهي ڪالهه اسان سان گڏ هئا ۽ اسان جا ترجمان هئا اڄ هتي ويٺا آهن، اسان سان قربان ويندا هئا، چمڪ ڏسي هليا ويا. پ پ اڳواڻ قومي اسمبلي جي اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته هي ماڻهو جڏهن توهان کي ڇڏي ويندا پوءِ ڏسنداسين ته درد ڇا هوندو آهي، انهن وٽ تمام گهڻا دليل هوندا، گار گند ٻڌي وٺو، هاڻ پي ٽي آءِ گارگند تي بريگيڊ بڻجي وئي آهي، 2013 کان پي ٽي آءِ گارگند جا جيوڙا اچي ويا آهن، هي خراب نه پر تمام سٺا ماڻهو آهن پر حڪمراني جي بيماري اچي وئي آهي، هي اسان کي اها بيماري ناهي، اسان کي جهموريت جي بيماري جيڪا ختم نٿي ٿي سگهي. ان کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پڻ خطاب ڪيو نيب هٿان گرفتار ٿيل مسلم ليگ ن جي صدر  قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اجلاس ۾ سندس خاص شرڪت تي بلاول ڀٽو زرداري، ايم ايم اي، اي اين پي، بلوچستان جي ميمبرن ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته شايد هي تاريخ جو جبر آهي يا وري تاريخ رقم ڪئي پئي وڃي ته چونڊيل اپوزيشن ليڊر کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪيو ويو. مان اليڪشن ۾ ئي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ نيب جو چولي دامن وارو ساٿ آهي، عمران خان چوري ڪيل مينڊيٽ جو وزيراعظم آهي، 13 مئي تي مون سميت مسلم ليگ ن جي اڳواڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا ويا. شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻن کي حوالاتن ۽ نيب جي عقوب خانن ۾ رکيو ويو، شيخ رشيد ائين ئي نه چيو هو ته شهباز شريف جيل جي هوا کائيندو. اپوزيشن ليڊر چيو ته گرفتاري لاءِ جولاءِ ۾ آرڊر تيار هئا، پر ڇو دير ٿي اها خبر وقت تي پوندي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته عام چونڊون ڌانڌلي تي ٻڌل هيون، عمران خان جيڪي سيٽون ڇڏيون، اتي اسان ڪاميابي حاصل ڪئي، عام چونڊن بعد ايترو ئي ايڏي تبديلي ان سوال کي جنم ڏئي ٿي ته هو چونڊون صحي هيون يا هي صحي آهن. شهباز شريف چيو ته نيب عدالت جو صفحو نمبر 170 پاڻ ئي چوي ٿو ته نواز شريف خلاف ڪو به ڪرپشن جو ڪيس ناهي، پر پوءِ به هو ڌيءَ سميت گرفتاري لاءِ اچي ٿو ۽ اهڙو موقعو ڪڏهن به نه آيو هوندو ته هڪ پيءُ جي سامهون ڌيءَ ۽ ڌيءَ جي سامهون پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو هجي. هن چيو ته مان هتي روئڻ لاءِ  ناهيان آيو، اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته هتي قانون جو راڄ هوندي يا جهنگل جو قانون هوندو، اهي فيصلو هي ميمبر ڪندا. شهباز شريف چيو ته هي ڪهڙي قسم جو الزام آهي ته توهان تي ڪرپشن ناهي باقي سياسي ماڻهو کي خوش ڪرڻ جو الزام آهي. ميجر (ر) ڪامران ڪياني سان پهرين ملاقات 2008 ۾ ٿي، جلاوطني بعد جڏهن حڪومت سنڀالي ته پنجاب ۾ ترقياتي ڪم هلندڙ  هئا، جيڪي گذريل حڪومت جا هئا، جن جو ٺيڪو ڪامران ڪياني کي ڏنو ويو، اهو ڪنهن ڏنو اها جاچ ڪرڻ نيب جو ڪم آهي. مان ان وقت جنرل ڪياني سان ڳالهايو ۽ چيو ته مان توهان جي ننڍي ڀاءُ کي چيو آهي ته جيڪڏهن توکي پنهنجي عزت پياري ناهي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عزت جو خيال ڪر جيڪو آرمي آهي، جنهن جواب ڏنو ته مان پنهنجي ڀاءُ کي پاليو آهي، توهان کيس وارننگ ڏيو ۽ ٺيڪو ختم ڪرڻو هجي ته ڪري ڇڏيو.ڪامران ڪياني چيو ته توهان ان ڳالهه تي منهنجي ڀاءُ سان شڪايت ڪئي آهي، پر وڏي ڳالهه ته جنرل (ر) اشفاق پرويز ڪياني مون سان ان معاملي تي وري ڪڏهن به نه ڳالهايو، جنهن مان سندس خودداري واضح ٿئي ٿي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ڪاريون پٽيون ٻڌي اجلاس ۾ پهتا، جتي واضح ڪيو ويو ته شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر صرف اجلاس ۾ شرڪت جا آهن، تنهن ڪري هو پارٽي جي پارلياماني اجلاس جي صدارت نه ٿو ڪري سگهي. شهباز شريف پارلياماني اجلاس ۾ شرڪت بنا ڪميٽي روم ۾ هليو ويو. بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته احتساب بلڪل ٿيڻ گهرجي ۽ سڀني جو ٿيڻ گهرجي، پهرين اسان پاڻ پوکيندا آهيون پر جڏهن لڻڻ جو وقت ايندو ته رڙيون ڪندا آهيون. تفصيل موجب بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي سياسي بصيرت جو استعمال ڪيو ئي ناهي، حڪومتون، مخالف ڌر بڻجڻ  بعد سڀ ڪجهه وساري ڇڏينديون آهن. اختر مينگل جو چوڻ هو ته اسان کي سوچڻو آهي ته احتساب جو عمل ڪيستائين جاري رهڻ گهرجي، احتساب اڄ سڀاڻي ۽ ان کان پهرين جي حڪمرانن جو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پاڻ جيڪو پوکيندا آهيون جڏهن لڻڻ جو وقت ايندو آهي ته رڙيون ڪندا آهيون، ڇا احتساب رڳو مالي ڪرپشن تي ٿيڻ گهرجي يا آئين شڪني جو به، قتل عام ۽ معصوم ماڻهن کي کڻڻ وارن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي فروغ نسيم چيو ته قومي اسيمبلي عدالت ناهي، رول آف لا رهيو آهي ته قانون تي عمل ڪيو وڃي ڪنهن به سماعت هيٺ ڪيس تي بحث نٿو ٿي سگهي نيب آرڊيننس تحت هائوس ڪميٽي نٿي ٺهي سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں