سپريم ڪورٽ ن ليگ جي 2 سينيٽرن سعديه عباسي ۽ هارون اختر کي ٻٽي شهريت تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت ڪيس ۾ ن ليگ جي ٻن سينيٽرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بئنچ پارليامنٽ ميمبرن جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ن ليگ جي سينيٽرن سعديه عباسي ۽ هارون اخٽر کي ڊي نوٽي فاءِ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي خالي سيٽن تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سعديه عباسي ۽ هارون اختر چاهن ته ٻٽي شهريت ڇڏي ٻيهر سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا، عدالت سامهون ميمبرن ٻٽي شهريت هئڻ جو اعتراف ڪيو جڏهن ته شهريت تسليم ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل ملڪن کان تصديق جي ضرورت ناهي. عدالت سينيٽر نزهت صادق جي شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو، ان کانسواءِ عدالت چيو ته پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جا ڪاغذ اڃان تصديق ناهن ٿي سگهيا تنهن ڪري تصديقي رپورٽ اچڻ ۾ وڌيڪ ٻڌڻي ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں