قصور جي معصوم زينب جي قتل ۾ ملوث وحشي جوابدار کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو

0Shares

لاهور( م ڊ ) قصور ۾ معصوم نينگري زينب سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهاري عمران کي ڦاهي ڏني وئي. زينب جي قاتل کي ڪوٽ لکپت سينٽرل جيل ۾ مجسٽريٽ عادل سرور ۽ زينب جي والد محمد امين جي موجودگي ۾ ڦاهي ڏني وئي. ڏوهاري عمران خان کي ڦاهي ڏيڻ واري وقت جيل جي چوڌاري سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي. عمران جو مڙهه وٺڻ لاءِ عمران جو هڪ ڀاءُ ۽ ٻه دوست ايمبولينس تي ڪوٽ لکپت جيل پهتا، جتي قانوني ڪاروائي کانپوءِ عمران جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.عمران جي خاندان جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ آخري ملاقات جو بندوبست گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو جتي عمران سان 45 منٽن تائين خاندان جي آخري ملاقات ڪرائي وئي. ڏوهاري عمران تي زينب سميت 8 نياڻين سان جنسي زيادتي جو الزام هو جنهن تي هن کي گڏيل طور تي 21 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هاڻ ڏوهاري جي سزا تي عمل درآمد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته قصور ۾ جنسي زيادتي کانپوءِ 7 ورهين جي زينب جي والد امين انصاري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڏوهاري کي سرعام  ڦاهي ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي پر اعليٰ عدالت اها استدعا رد ڪري ڇڏي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں