پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي مشڪل صورتحال مان مضبوط ٿي نڪتو: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا طرفان اٽلي جي دوري دوران دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اٽلي جو دورو ڪيو، جتي هن اٽلي جي بچاءَ واري وزير، آرمي چيف ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن ۾ بچاءَ بابت لاڳاپا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اٽلي جي بچاءَ بابت سربراهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي قوم جي قربانين جي جذبي جي سلهاڙيل آهي، قبيلائي عوام، شهيدن ۽ غازين جي خاندانن به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ جنگ جاري آهي ۽ ان جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان مضبوط تر ٿي سامهون آيو آهي، اڄوڪو پاڪستان دنيا لاءِ کليل آهي ۽ امن استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ اطالوي اختيارين وچ ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ٿيو ۽ جنرل قمر جاويد باجوا کان اطالوي اختيارين دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ تي رهنمائي به حاصل ڪئي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں