پاڻي فراهمي ۽ آر او پلانٽس لاءِ 64 ڪروڙ 20 لک منظور، خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽس لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير نئين ڪابينا ميمبرن جي آجيان ڪئي. سنڌ ڪابينا پرائيوٽ گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي وزير چيو تھ ڪنھن غيرسرڪاري گاڏيءَ تي جيڪڏھن سرڪاري نمبر لڳايو ويندو تھ ان خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اھڙا آفيسر جيڪي رٽائرڊ ٿي ويا آھن انھن تي بھ سرڪاري نمبر استعمال ڪرڻ جي اطلاع آھي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ريجنل بلڊ سينٽرز جي آئوٽ سورسنگ واري ايجنڊا تي ڳالھھ ٻول ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ جرمن ڊولپمينٽ بينڪ جي سھڪار سان 4 آر بي سي قائم ڪيا آھن ۽ اھي سينٽر سکر، ڄامشورو، شھيد بينظيرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم آھن. ڪابينا آر بي سي ڪراچي ضياءُ الدين اسپتال جيڪو سڀني کان گھٽ بڊر آھي کي ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا آر بي سي شھيد بينظير آباد فاطميد فائونڊيشن کي ڏيڻ جي منظوري بھ ڏني. سنڌ ڪابينا منير احمد خواجا کي شھيد بينظير آباد جو دھشت گردي ٽوڙ عدالت جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا سيپرا جي ڪجھھ قانونن ۾ ترميم تي بحث ڪيو ويو، وڏي وزير سيڪريٽري جي اي تحت ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي جيڪا طريقيڪار طئي ڪندي. سنڌ ڪابينا جنگلات کاتي جي ري-اسٽيڪچرنگ ايجنڊي تي بحث ڪيو ويو. سيڪريٽري جنگلات سھيل اڪبر شاھھ ڪابينا اجلاس کي جنگلات کاتي بابت بريفنگ ڏني. ڪابينا جنگلات کاتي ۾ چيف ڪنزرويٽرز گريڊ 20 جون ٻھ آساميون مرتب ڪرڻ جي منظوري ڏني جنھن ۾ چيف ڪنزرويٽرز مينگروز اينڊ رينج لينڊ ۽ چيف ڪنزرويٽرز فاريسٽري جون ٻھ آساميون شامل آھن. ڪابينا ڪنزرويٽر جون گريڊ 19 جون 4 آساميون تشڪيل ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا جنگلات کاتي ۾ ٽي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ بڻائڻ جي پڻ منظوري ڏني، جنھن ۾ ھڪ پرنسپل چيف ڪنزرويٽر جنگلات، ريورائين اينڊ اِن لينڊ جنگلات حيدرآباد. ٻيو چيف ڪنزرويٽر جنگلات لائينز اينڊ سوشل جنگلات حيدرآباد ۽ ٽيون چيف ڪنزرويٽر جنگلات مينگروز اينڊ رينج لينڊ ڪراچي شامل آھن. سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي بابت فيصلي کي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني. پاڻي ۽ نيڪاليءَ وارين سمورين اسڪيمن ۽ آر او پلانٽس جي انسٽاليشن ۽ آپريشن کي پي ايڇ اِي کاتي ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ بلديات کاتو پي ايڇ اِي کاتي کي ضروري عملو فراھم ڪرڻ جو پابند ھوندو تھ جيئن اسڪيمون ڪنديون رھن. پاڻي فراھمي جون 1572 اسڪيمون ۽ آر او پلانٽس جي اسڪيمن کي ھلائڻ لاءِ ڪابينا 642 بلين رپين جي منظوري ڏني ۽ ان سان 577 آر او پلانٽس ھلايا ويندا. سنڌ ڪابينا ڪم ڪرڻ واري ھنڌ عورتن کي ھراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري وفاقي حڪومت جي 2010ع وارو قانون اپنائڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ وومين ڊولپمينٽ کي قانون بڻائڻ جي ھدايت ڪئي. سنڌ ڪابينا سنڌ ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (ايس ٽي ڊي سي) جي سروسز جي قانون تي ڳالھھ ٻول ڪئي. قانون جا 8 چيپٽر آھن، جنھن ۾ پورا سروس اسٽيڪچر اپائمينٽ، تناسب کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ڪور ڪيو ويندو آھي. وڏي وزير چيو تھ انھن قانون کي ايس ٽي ڊي سي بورڊ کان منظور ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي. ھن چيو تھ ان کي ايس ٽي ڊي سي بورڊ منظور ڪري سگھي ٿي. وڏي وزير جي خاص دعوت تي اسپيشل اسسٽنس اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪابينا سنڌ ري-پروڊڪٽو ھيلٿ رائيس ايڪٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪابينا بل کي ايندڙ اجلاس ۾ ٻيھر شامل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ ڪابينا کي غربت جي خاتمي جي حوالي سان تشڪيل ڏنل حڪمت عمليءَ بابت بريفنگ ڏيندي چيو تھ 72.5 بلين رپيا غربت جي خاتمي لاءِ خرچ ڪيا ويندا ۽ اھي منصوبا يورپين يونين جي سھڪار سان شروع ڪيو ويندو. ان پروگرام کي 10 ضلعن ۾ ھلايو ويو آھي ۽ ان جا بھتر نتيجا سامھون آيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي ڪابينا جي اجلاس دوران ڪنڌڪوٽ ۾ خوشحال ايڪسپريس جي حادثي بابت آگاھھ ڪيو ويو، جنھن تي ھن حادثي جو نو ٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور-ڪنڌڪوٽ کان واقعي واري ھنڌ تي امدادي ڪم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. وڏي وزير متاثرن کي ھر قسم جي مدد فراھم ڪرڻ جي بھ ھدايت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ ڊپٽي ڪمشنر واقعي جي تفصيلي رپورٽ رپورٽ جلد کان جلد پيش ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر وڏي وزير کي ٻڌايو تھ حادثي ۾ 8 عورتون فوت ٿيون ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ 5 ٻار، 2 عورتون ۽ ھڪ مرد شامل آھن. وڏي وزير جي قانون ۽ اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ جعلي اڪائونٽس جو تعلق سنڌ حڪومت سان ڳنڍيو ويندو آھي جڏھن تھ اھو تاثر بلڪل غلط آھي. سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي سان ڀرپور سھڪار ڪري رھي آھي، ڏھھ يارنھن پراڻي معلومات گھري وئي آھي جيڪا تيار ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري ڪجھھ دير ٿي رھي آھي. ڪنھن جي خلاف غلط تاثر نھ ڏنو وڃي، اسان ڪو اضافي ٽيڪس ناھي لڳايو. وفاقي حڪومت دعويٰ وڏا ڪيا ھئا جھن تھ انھن جي ان حوالي سان تياري ڪجھھ بھ نھ ھئي. ڊالر وڌي رھيو آھي، اسٽاڪ مارڪيٽ ٻڏي رھي آھي، حڪومتي وزير چئي رھيا آھن تھ ڊالر 140 رپيا ٿيندو. ھن چيو تھ اسان تي تنقيد ڪندڙن پنجاب ۾ آءِ جي جو ڪھڙو حشر ڪيو، اھا سڀني کي ڄاڻ آھي، اميد آھي تھ سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي. مرتضيٰ وھاب چيو تھ تيسر ٽائون ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي وڙھڻ ۽ زمينن تي قبضي جو نوٽيس ورتو وڃي. ھن چيو تھ فيصل واڊا ڪيئن کٽيو آھي اھو سڀني کي خبر آھي. ڌڻي پاڪ جو فضل آھي تھ اھي حڪومت ۾ آيا آھن. سنڌ حڪومت ڪراچيءَ لاءِ اضافي پاڻي گھري رھي آھي، وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي جو تعلق ڪراچيءَ کان آھي ڏسنداسين اھو ڇا پيو ڪري!. ھن چيو تھ مھذب معاشرن ۾ جيستائين ثابت ناھي ٿيندو ڪنھن کي بھ ڏوھي ناھي چيو ويندو. لگزري گاڏين جو معاملو رڳو سنڌ حڪومت جو نھ آھي سڀني صوبن جو آھي. ڏھن ڏينھن ۾ پاليسي بڻائي ويندي مخالف ڌر اھا آھي جيڪا وفاق ۾ اجلاس ۾ گھرائڻ لاءِ تيار نھ آھي. جيڪڏھن 15 آگسٽ تائين برسات نھ پئي تھ ڏڪار ڊڪليئر ڪيو ويندو آھي. 19 آگسٽ تي ڪابينا ٿر لاءِ فيصلن جي منظوري ڏني. ڪڻڪ جي ورھائڻ ۾ دير نادرا کان لسٽ فراھم ڪرڻ ۾ ڪري ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي حڪم تي 76 ھزار گھراڻن ۾ ڪڻڪ ورھائي وئي آھي. بي آءِ ايس سي پروگرام ۾ رجسٽرڊ 25 ھزار گھراڻن کي بھ ڪڻڪ ڏني وئي آھي. 80 سيڪڙو آر او پلانٽس ڪم ڪري رھيا آھن. سنڌ حڪومت ٿر جي ماڻھن کي مستقل بنياد تي رليف فراھم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رھي آھي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں