مني لانڊرنگ ڪيس: آصف ۽ فريال سميت سمورا جوابدار پيش، جج جي موڪل سبب ٻڌڻي ملتوي

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصفعلي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپور ۽ ڪيس ۾ نامزد اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي ٽئي پٽ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. جوابدارن خلاف بوگس اڪائونٽن ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپور، انور مجيد جا ٽئي پٽ، ذوالقرنين، علي مجيد ۽ نمر مجيد عدالت کان ضمانت وٺي چڪا آهن. اڄ ٻڌڻي لاءِ سمورا جوابدار پيش ٿيا پر جج جي رخصتي سبب ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انور مجيد، حسين لوائي، غني مجيد ۽ حسين لوٿا پڻ نامزد آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں