آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل: شهباز شريف 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

0Shares

لاهور (بيورو) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي  واڌ ڪئي وئي آهي. آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي احتساب عدالت  ۾ پيش ڪيو ويو. شهباز شريف کي بڪتربند گاڏي جي جاءِ تي عام گاڏي ۾ احتساب عدالت آندو ويو. احتساب عدالت ۾ پيشي دوران مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف موقف اختيار ڪيو ته مون تي هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي، مان جاچ لاءِ نيب آفيسرن کي پاڻ گهرائيندو آهيان. هن چيو ته ٻن مهينن جي ڪارڪردگي پي ٽي آءِ حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.ٻڌڻي بعد احتساب عدالت شهباز شريف کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو جنهن بعد کيس احتساب عدالت کان نيب آفيس منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته  جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته مان وڏو سخت گير آهيان ته ڪئين ممڪن هو ته نيلامي ٿي؟ سندس چوڻ هو ته مون کي پهريون ڀيرو نيب طلب ڪيو ته چيو ويو توهان جنرل ڪياني جي ڀاءُ کي فائدو پهچائڻ چاهيو، جنهن تي مان چيو ته مان پوءِ هن خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ ڇو موڪليو؟ شهباز شريف چيو ته 2008ع ۾ ڪامران ڪياني چيو ته ٺيڪو منهنجي حوالي ڪيو، مان سندس شڪايت اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي ڪئي. هن چيو ته مان تنهن وقت ايڏو وڏو ٺيڪو نه ڏنو، مون تي ٺيڪا ڏئي جنرل ڪياني کي خوش ڪرڻ جو الزام هنيو ويو،جيتوڻيڪ حقيقت ابتڙ آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي طرفان زباني حڪم ڏيڻ جي نيب جي بيان جي تصديق ڪريان ٿو. شهباز شريف چيو ته مان ته ڪانٽريڪٽ ۾ پئسا بچايا ۽ الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مون کي پنجاب اسپيڊ چيو ويندو آهي. شهباز شريف چيو ته مان پاڪستاني آهيان، جنهن تي مون کي فخر آهي، پر مان به انسان آهيان، مان پنجاب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں