سرگوڌا ۾ اسڪولي وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر، ڊرائيور ۽ 7 شاگردياڻيون فوت

0Shares

سرگوڌا  (م ڊ) سرگوڌا جي علائقي ڀلوال ۾ اسڪول  جي وين ۽ بس ۾ ٽڪر دوران  ڊرائيور  ۽ 7 شاگردياڻيون  فوت  ۽ 3 زخمي ٿي پيون ، مڇريل شاگردن مسافر بس کي باهه ڏئي ڇڏي. گجرات روڊ تي خوفناڪ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪاليج جي شاگردياڻين کي کڻي ويندڙ وين کي سامهون ايندڙ مسافر بس ٽڪر هنيو . حادثو ايترو ته شديد هو جو وين ڊرائيور ۽ 7 شاگردياڻيون ٿڏي تي فوت ۽ 3 زخمي  ٿي پيون . ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو . حادثِي کانپوءِ مختلف ڪاليجن  ۽ اسڪولن جي شاگردن ۽ علائقي جي رهواسين پاران احتجاج ڪيو ويو ، مڇريل شاگردن مسافر بس کي باهه ڏئي ڇڏي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں