پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جوناس نومبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز ) مداحن جو انتظار جون گهڙيون  ٿيڻ واريون آهن ڇاڪاڻ جو  ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي راڳي نڪ جوناس ايندڙ مهيني نومبر شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب جوڙو اڄ ڪلهه ڀارت ۾ موجود آهي ۽ شادي جي تيارين ۾ مصروف آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ويجهڙائي ۾ ئي ٻنهي ڀارتي رياست جوڌپور جو دورو پڻ ڪيو. اداڪارا جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته پريانڪا ۽ نڪ جوناس جي شادي جوڌپور جي محل اوميد ڀون ۾ ٿيندي. ٻنهي جي شادي ۾ 200 مهمانن کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رڳو ويجها عزيز ۽ دوست شامل هوندا.  رپورٽن موجب شادي کان اڳ پريانڪا چوپڙا برائيڊل شاور نيويارڪ ۾ ٿيندو ادڪارا سميت مڱيندي جي ڪيترائي هالي ووڊ دوست نيويارڪ ۾ آهن. پريانڪا جي شادي، نڪ جوناس جي ڀاءَ جو جوناس کان اڳ ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو صوفي ٽرنر سان ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجي ويندو. تازو ئي پريانڪا چوپڙا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هوءَ هڪ ڪتاب لکي رهي آهي ۽ تمام جلد شادي ڪرڻ جي حوالي سان پڻ سوچي رهي آهي. واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا آمريڪي راڳي نڪ جوناس هلندڙ سال آگسٽ مڱڻو ڪيو هو. مڱڻي جي رسم ممبئي ۾ پريانڪا چوپڙا جي گهر ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ويجهن مٽن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مڱڻي جي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ ڪجهه بالي ووڊ ستارن شرڪت ڪئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں