عورتن کي هراسان ڪندڙن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي: سيف علي خان

0Shares

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان پنهنجي ” مي ٽو“ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو عورتن کي جنسي طور تي هراسان ڪندا آهن کين ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سيف علي خان هڪ انٽرويو دوران 25 ورهيه اڳ پاڻ مٿان گذريل وقت جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته کيس پڻ ماضيءَ ۾ هراساني جو نشانو بڻايو ويو آهي ان واقعي کي ياد ڪندي اڄ به مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي. ٻين جي ڏک کي سمجهڻ مشڪل ڪم آهي پر مان اهو نه ٻڌائيندس ته مونکي ڪنهن هراساني جو نشانو بڻايو هو ڇاڪاڻ جو اهو ايترو اهم ناهي. سيف علي خان هراساني جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جي حمايت ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو هراساني جو شڪار ٿيا آهن اهي انصاف گهرن ٿا، ننڍي نواب عورتن کي هراسان ڪندڙ مردن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جيڪي مرد عورتن کي جنسي طور تي هراسان ڪندا آهن انهن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. فلم هائوس فل 4 جي شوٽنگ دوران بپاشا باسو ۽ ايشا گپتا هدايتڪار ساجد خان تي الزام مڙهيو هو ته ساجد خان ساڻس  اڻ وڻندڙ رويي اختيار ڪيو هو ان حوالي سان سيف علي خان جو چوڻ هو ته کيس اهو ياد ناهي ته اهڙو ڪجهه سندس سامهون ٿيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو منهنجي سامهون ٿئي ها ته مان ان جي اجازت ڪڏهن به نه ڏيان ها. مونکي اهڙو ماحول بلڪل پسند ناهي جتي عورتن سان بدسلوڪي ڪئي ويندي هجي ان سان گڏ ئي سيف علي خان انهن سمورن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو جيڪي جنسي هراساني جي الزامن ۾ ملوث آهن

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں