ابو ظهبي ٽيسٽ: پاڪستان 282 رنسون ٺاهي آئوٽ، آسٽريليا 20 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون

0Shares

ابوظهبي  (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان پهرين اننگ ۾ آسٽريليا خلاف پهرين ڏينهن جي اختتام تي 282 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس  کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.  پاڪستان فقط 57 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جنهن کان پوءِ فخر زمان ۽ ڪپتان سرفراز  ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ڇهين وڪيٽ جي شراڪت  ۾ 147 رنسن جي پارٽنرشپ جوڙي ٽيم جو اسڪور 204 تائين پهچائي ڇڏيو، ان کان اڳ محمد حفيظ ۽ فخر زمان اننگ  جي شروعات ڪئي ۽ 5 رنسن تي محمد حفيظ فقط 4 رنسون ٺاهي مچل  اسٽارڪ  جو شڪار ٿي ويو. ٻي وڪيٽ لاءِ اظهر علي ۽ فخر زمان 52 رنسن جي ڀائيواري ڪئي ته 57 رنسن تي اظهر علي  فقط 15 رنسون ٺاهي آئوٽ  ٿي ويو. 57 رنسن تي ئي اسد شفيق بابر  اعظم ۽  حارث سهيل بنا  کاتي کولڻ جي پويلين موٽي ويا. فخر مان ۽  ڪپتان سرفراز  احمد 94-94  رنون ٺاهي  نروس  نائنٽي جو شڪار ٿي ويا.  ياسر شاھ 28، بلا آصف 12، محمد عباس  10 ۽  مير حمزا 4 رنسون ٺاهي  پويلين  موٽيا.  جون هولينڊ 4، ماموس 3، مچل اسٽارڪ 2 ۽ مچل مارش 1 شڪار ڪيو. جواب ۾ آسٽريليا پهرين ڏينهن جي اختتام تي 20 رنسن تي  2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون،  پيٽر سڊل 4  ۽ عثمان خواجه 3 رنسون ٺاهي  پويلين روانا ٿي ويا. ٻئي وڪيٽون محمد عباس جي حصي  ۾آيون.  پاڪستان کي 262 رنسن جي برتري حاصل آهي ۽ آسٽريليا  وٽ 8  وڪيٽون باقي آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں