سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽئي ون ڊي مئچ اڄ پاليڪيلي ۾ کيڏي ويندي

0Shares

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽئي ون ڊي مئچ اڄ پاڪستان وقت مطابق منجهند 2 وڳي پاليڪيلي ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي وچ ۾ پنجن مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ برسات جي ور چڙهي ويئي ٻي مئچ ۾ انگلينڊ سريلنڪا کي ڊڪ وٿ لوئس ميٿڊ تحت 31 رنسن تان شڪست ڏئي پنجن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪئي آهي. چوٿين مئچ 20 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي وچ ۾ واحد ٽي ٽوئنٽي مئچ 27 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. جنهن کان پوءِ ٽن مئچن تي مشتمل ٽيسٽ سيريز ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں