عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن بابت جاچ لاءِ 30 رڪني پارلياماني ڪميٽي قائم، پرويز خٽڪ سربراهه مقرر

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جائزي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن کي برابر نمائندگي ڏني وئي آهي. ڪميٽي ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪندي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي 30 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ۾ قومي اسيمبلي جا 20 ۽ سينيٽ جا 10 ميمبر شامل آهن. پارلياماني ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن کي برابر نمائندگي ڏني وئي آهي. ڄاڻايل ڪميٽي ۾ اعظم سواتي، فروغ نسيم، بئريسٽر سيف، خوش بخت شجاعت، نعمان وزير، رضا رباني، جاويد عباسي، رحمان ملڪ، عثمان ڪاڪڙ، ڪلثوم پروين، خورشيد شاهه، پرويز اشرف، نويد قمر، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير، مرتضيٰ جاويد عباسي، مولانا عبدالواسع، پرويز خٽڪ، شيرين مزاري، شفقت محمود، علي محمد خان، عامر ڊوگر ۽ ٻيا شامل آهن. حڪومت طرفان پرويز خٽڪ کي پارلياماني ڪميٽي جو سربراهه نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ سربراهه جو باضابطا طور فيصلو ٿيندو ۽ ٽي او آرز طئي ڪيا ويندا، جنهن جي روشني ۾ اڳڀرائي ڪئي ويندي، ان سان گڏوگڏ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جاچ لاءِ ڪميٽي ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪندي. پارلياماني ڪميٽي اتفاق سان طئي ٿيندڙ مدي اندر رپورٽ پيش ڪندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں