وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي قبرن مان به ڪڍي ٽرائيل ڪيو وڃي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس ثاقب نثار ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي، ماڻهن کي قبرن مان ڪڍي ٽرائل ڪيا وڃن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ چڪوال ۾ غير قانوني سيمينٽ فيڪٽريون لڳائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پنجاب جي انڪوائري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چڪوال ۾ فيڪٽريون لڳائڻ لاءِ قائدن خلاف اين او سي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻا سرڪاري آفيسر ۽ علائقي جا سياستدان ملوث آهن. رپورٽ ۾ چڪوال جي اڳوڻي ضلعي ناظم غلام عباس، تعلقي ناظم سيدن شاهه، اڳوڻي سيڪريٽري صنعت فياض بشير، اڳوڻو اي پي اي ڊائريڪٽر احمد نديم ۽ سيڪريٽري مائنر ارشاد علي کوکر سميت ٻين سياسي شخصيتن ۽ سرڪاري آفيسرن خلاف ڪارروائي جي تجويز ڏني وئي آهي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب تي پهريون ئي تمام گهڻو بار آهي، اينٽي ڪرپشن کاتو نامزد ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي قبرن مان ڪڍي سندن ٽرائل ڪيو وڃي، منهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ کاتا بند نه ٿيندا، عدالتي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي ڪارروائي جي هدايت ڪندي معاملو اڪلائي ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں