سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، تيمور ٽالپر آءِ ٽي، اويس شاهه ٽرانسپورٽ، مرتضيٰ بلوچ پورهئي ۽ باري پتافي فشريز جا وزير ٿي ويا

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سندس ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ چئن وزير کي شامل ڪيو آھي، ھاڻي ڪابينا جيميمبرن جو انگ 16 ٿي ويو آھي جنھن ۾ ٻھ صوبائي صلاحڪار انھن کانسواءِ آھي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل اڄ گورنر ھائوس ۾ رٿيل ھڪ سادي تقريب ۾ وڌيڪ چئن وزيرن کي حلف کڻايو. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ تيمور ٽالپر، سيد اويس شاھھ، مرتضيٰ بلوچ ۽ باري پتافي شامل آھن. واضح رھي تھ تيمور ٽالپر ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جو پٽ آھي ۽ ضلعي عمر ڪوٽ مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر آھي. سيد اويس شاھھ سکر ، مرتضيٰ بلوچ ملير ۽ عبدالباري پتافي گھوٽڪيءَ مان صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ 19 آگسٽ 2018ع تي پھرين مرحلي ۾ سندس ڪابينا ۾ اٺن وزيرن کي شامل ڪيو ھو ۽ 5 سيپٽيمبر 2018ع تي ٻئي مرحلي ۾ چار وزيرن کي شامل ڪيو ۽  ڪالهه سومر ڏھاڙي 15 آڪٽوبر 2018ع تي ٽئين مرحلي ۾ وڌيڪ چئن وزيرن کي شامل ڪيو ويو آھي ۽ اڃا وڌيڪ ٻن وزيرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. حلف برداري تقريب جو انتظام قائم مقام چيف سيڪريٽري سنڌ محمد وسيم ڪيو ۽ ان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کھڙو، صوبائي وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، بيورو ڪريٽس ۽ معزز ماڻھن شرڪت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں