پي ٽي آءِ هاڻ کان ئي اختلافن جو شڪار، ٻن تڪن تي شڪست اختلافن جو نتيجو آهي: فواد چوڌري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ننڍي چونڊ جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته ڪراچي کان خيبر تائين ماڻهو وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان بيٺل آهن، پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر وڏي قومي پارٽي بڻجي اڀري آهي، اٽڪ ۽ بنون جي سيٽن تي پي ٽي آءِ جي شڪست جو سبب اندروني اختلاف ۽ پنهنجي ماڻهن جو ورهايل هئڻ آهي. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندگي نظر اچي رهي آهي ڇو ته چونڊن ۾ سمورن صوبن مان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن جو مطلب آهي پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي آهي جڏهن ته ٻيون پارٽيون ته صوبائي آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي گوڙ ڪندڙ ٻڌائين ته لاهور ۾ مسلم ليگ ن ڪيئن ڪاميابي ۾ماڻي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں