پاڻي جي چوري آئون روڪي ڏيکاريندس، سنڌ کي پورو حصو ملندو، ڪٽوتي نه ٿيندي: فيصل واوڊا

0Shares

ڄامشورو (رپورٽر) آبي وسيلن واري وفاقي وزير  فيصل واوڊا چيو آهي ته اربين رپين جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، پاڻي چوري روڪي ڏيکاريندس، سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ملندو، ڪابه ڪٽوتي نه ٿيندي. ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته ٻن هفتن اندر ڊسٽري بيوشن ڪئنال تي سڪيورٽي مقرر ڪرڻي پوندي، ٻن هفتن ۾ سڪيورٽي مقرر نه ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪندس.  هن چيو ته ماضي جي حڪومت پاڻي جي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، ماضي جي حڪومتن رڳو پنهنجن کي نوازيو، غريبن جو خيال نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته ميئر پنهنجي فرياد ڪري رهيو آهي ته کيس ڪو به پڇڻ وارو ناهي، منهنجي ڳالهين بعد چوندا ته 18 هين ترميم ۾ مداخلت ٿي وئي آهي. فيصل واوڊا چيو ته پاڻي جي چوري روڪي ڏيکاريندس، مسئلن تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهيان، سنڌ کي پاڻي ملندو، ڪابه ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته 2 رپيه ڪمائڻ لاءِ 10 لک رپيه خرچ ڪيو ويو، پبلڪ پرائيويٽ پارنٽرشپ جو آپشن موجود آهي، صوبي ۾ رهندي بي ايماني نه ڪندس، ڊي سي ملير کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هو ڀلو ماڻهو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں