ڊالر وري اڳتي نڪري ويو، هڪ رپيو 60 پئسا مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ دفعو ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ٻن سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 60 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي جنهن سبب 133 رپيه 50 پئسن ۾ ڪاروبار ٿي رهيو آهي.  ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به شديد ٻاڙائي نظر اچي رهي  آهي ۽ 100 انڊيڪس ٻن سالن جي گهٽ ترين سطح اچي وئي آهي. اڄ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 781 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن سبب انڊيڪس 37 هزار جي نفسياتي حد وڃائي 36 هزار پوائنٽس تي اچي ويو آهي. تازي گهٽتائي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ جي سيڙپڪاري ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي ٿي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں