عوام تي بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري، اگهه ۾ 3 رپيا 75 پئسا واڌ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وفاقي سرڪار بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 75 پئسا اضافي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.  نيپرا طرفان وفاقي سرڪار کي بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 82 پئسا اضافي جي سفارش ڪئي وئي هئي پر ناڻي واري وزارت سفارشون مڃڻ  کان انڪار ڪندي عوام کي رليف ڏيڻجو اصولي فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب هاڻي بجلي اگهن ۾ 3 رپيه 82 پئسا اضافو نه ٿيندو پر رڳو عوام کي 3 رپيه 75 پئسن جو جهٽڪو ڏنو ويندو. بجلي جا اگهه وڌائڻ جو اصولي فيصلو ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اي سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ تازي اضافي سان حڪومت صارفين کان 400 ارب رپيا هر مهيني اضافي وصول ڪندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں