پاڪستان جو قرض وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو فيصلو، وزيراعظم ڳالهين جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ) پاڪستان قرض کڻڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ناڻي وزارت جي ٽيم وزيراعظم کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وزيراعظم ناڻي وزارت جي تجويز سان اتفاق ڪندي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي ناڻي وزارت جي پڌرائي موجب  پاڪستان آءِ ايم ايف فوري طور ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت کي هلندڙ سال 9 ارب ڊالر گهربل آهن حڪومت آءِ ايم ايف کان 6 کان 7 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪندي آءِ ايم ايف وفد پنهنجو شرطون کڻي ايندو جنهن ۾گردشي قرض گهٽائڻ ۽ غيرترقياتي خرچ گهٽائڻ سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جو مطالبو ڪندو آءِ ايم ايف جي شرطن تي رضا مندي بعد پاڪستان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندو پاڪستان جي درخواست بعد  آءِ ايم ايف وفد 10 ڏينهن اندر پاڪستان جو دورو ڪندو 1990ع کانپوءِ 10 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ويو آهي آءِ ايم ايف جو مدو 3 سالن جو آهي ناڻي وزارت موجب توانائي شعبي ۾ نقصان هڪ هزار ارب ڊالر آهي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ماهوار ٻه ارب ڊالر آهي فنانس ايڪٽ ۾ ترميم ان صورتحال سبب ڪئي وئي ماضي جي حڪومت معاشي بهران ڇڏي وئي اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ اضافو به ان سبب ڪيو انهن سڌارن سان ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃن  جي ضرورت نه پوندي ٻئي طرف ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي معاشي بحالي آسان نهپر مشڪل چئلينج آهي روزگار جي فراهمي معاشي ترجيجن ۾ شامل آهي جن مشڪل حالتن مان گذري رهيا آهيون ان جو سڀني کي پتو آهي قوم مشڪل حالتن جو مقابلو ڪيو آهي آءِ ايم ايف سان اهڙو پروگرام آڻن چاهيون ٿڳا جنهن سان معاشي بحران تي ڪنٽرول ٿي سگهي ۽ ڪمزور طبقي تي گهٽ اثر پوي معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ دوست ملڪن سان  به رابطي ۾ آهيون اسان مستقل بنيادن تي معيشت کي پيران تي بيهارڻ چاهيون ٿا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں