پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار اسان کي للڪاري رهيو آهي، ڇا هي حڪومت آهي جيڪا نئون پاڪستان ٺاهي رهي آهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار ڊي پي او پاڪپتن  ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  ڇا هيءَ حڪومت آهي جيڪا نئون پاڪستان ٺاهي رهي آهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڊي پي او پاڪ پتن بدلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير هن معاملي تي اسان کي للڪاري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان چيو پيو وڃي ته هي وڏو وزير رهندو، جيڪڏهن وڏو وزير رهندو ته عدالت جي فيصلن جي تابع رهندو.  چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي خيال ناهي ته عدالت ۾ اچي غلطي قبولي، معافي وٺي، شرمساري ڏيکاري، وڏي وزير جواب ۾ بهترين آفيسر تي حملو ڪيو، وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي اهڙو جواب موڪلڻ وارو. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس چيو ته پنجاب جو وڏو وزير معاملو ختم ڪرڻ چاهي ٿو، معاملو حساس هو تنهن ڪري وڏي وزير ڊي پي او کي گهرايو آهي.چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير اڻ لاڳاپيل شخص سامهون پوليس آفيسر کي گهرايو، ڇا وڏو وزير صادق ۽ امين آهي، سڀاڻي 62 ون ايف جي ڪيس ۾ اهو سوال به اٿندو. چيف جسٽس پنجاب جي وڏي وزير جي ويجهي دوست احسن گجر بابت چيو ته پوليس آفيسرن بابت احسن جميل اهڙي ٻولي ڳالهائي سگهي ٿو، ڇا هيءَ حڪومت  آهي جيڪا نئون پاڪستان ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان منهنجي ناپسندگي جو اظهار ڪيو، ڇا هيءَ قانون جي حڪمراني آهي، ڇا هي آهي نئون پاڪستان، اچي ويا آهن ته سڀ گڏجي نئون پاڪستان ٺاهڻ، جڏهن اسان 62 ون ايف جي جاچ ڪرائينداسين ته نئون پاڪستان ٺهندو، ڪرامت کوکر جو معاملو پي ٽي آءِ جي ڊسلپنري ڪميٽي کي موڪليو پر ڪجهه نه ڪيو ويو.  وڪيل احسن ڀون چيو ته احسن جميل پاران غير مشروط معافي وٺون ٿا، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته احسن جميل گجر ڪير آهي، هي ڪنهن جو خانداني دوست آهي.وڪيل احسن ڀون چيو ته هي مانيڪا خاندان جو دوست آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا خاور مانيڪا پاڻ وڃي نه پئي ڳالهائي سگهيو، اسان انڪوائري ڪرايون ٿا جيڪو رڪارڊ آڻڻو آهي آندو وڃي، اسان قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير کي قانون سامهون جهڪڻو پوندو. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته وڏي وزير جي لکت ۾ معافي جمع ڪرايون ٿا. سپريم ڪورٽ وڏي وزير ۽ احسن گجر کي واظح لفظن ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وڏي وزير جو جمع ڪرايل جواب به واپس وٺي ڇڏيو.  چيف جسٽس چيو ته اسان انڪوائري ڪرائينداسين ۽ آڏي پڇا به ڪئي ويندي، ڇا اسان کي ڪوڙ نظر نه ٿو اچي، معاملي کي ائين نه ڇڏينداسين، اها ڳالهه قانون جي حڪمراني خلاف آهي. سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام جي معافي قبوليندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته احسن جميل گجر ٻڌي ڇڏي ته هتي بدمعاشي نه هلندي، جيڪڏهن وري شڪايت ملي ته ڪيس ٻيهر کوليو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں