لاهور (بيورو) ن ليگ پارٽي صدر جي گرفتاري خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ راڻا ثناءُ الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي تائين قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو ويو ته اربع ڏينهن ٻنهي عمارتن اڳيان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف اپوزيشن احتجاج ڪندي. سندس چوڻ هو ته اهو احتجاج رڳو پارليامينٽ تائين محدود نه رهندو ۽ ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نٿو گهرايو وڃي ۽ هو اتي پنهنجو ڪيس پيش ڪندو، جنهن کي سڄي قوم ٻڌي ۽ فيصلو ڪندي ته سندس گرفتاري انتقامي ڪارروائي آهي. هن چيو ته عمران خان چئي ٿو وزارت عظميٰ دوران ڪاروبار نه ڪندس، ڇو ته ڪاروبار ۽ ڪرپشن جهانگير ترين ۽ عليم خان ڪندا، انهن جي اي ٽي ايم مان فائدو کيس ٿيندو، حڪومت جي عوام دشمن پاليسين سبب عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، چين ۽ روس جهڙا دوست ملڪ پري ڪري سي پيڪ خلاف ابهام پيدا ڪيو پيو وڃي، اسان اهڙن حڪومتي قدمن خلاف به احتجاج ڪنداسين. راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جو مقصد ننڍي چونڊ تي اثرانداز ٿيڻ آهي، جهڙي قسم جون ڪارروايون 25 جولاءِ کان اڳ ڪيون ويون، هي به ان جي ئي ڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جي سموري قيادت سان رابطو ڪري گڏيل لائحا عمل ٺاهينداسين، عمران خان پنهنجي ڀرپاسي ۾ ڏسي، سڀ چور ۽ ڦورو ويٺل آهن، هو انهن جو قائد آهي، غريب ماڻهن جا دڪان ڊاٿا پيا وڃن، جيڪي قبضا گروپ آهن، انهن جي قبضي مان زمين خالي ڇو نه پئي ڪرائي وڃي؟. ان کان اڳ اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز شريف نادان ماڻهو وقت کان اڳ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي رهيا آهن اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي نواز شريف چيو ته جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي ڪنٽينر وارن کي ان جو ڪيتو لوڙهڻو پوندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟