لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ بغاوت ڪيس ۾ صحافي سرل الميڊا جا ناقابل ضمانت وارا گرفتاري جا وارنٽ رد ڪندي سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ صحافي کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. غداري ڪيس ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ صحافي سرل الميڊا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جسٽس مظاهر نقوي جي سربراهي هيٺ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ڪمري ۾ گهڻِي رش هجڻ سبب ٻنهي وزيراعظمن کي روسٽرم ۾ نه گهرايو ويو ۽ رڳو سندن منهن ڏيکارڻ بعد ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي جي وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته 14 آڪٽوبر تي ضمني چونڊون آهن، جنهن لاءِ ڪارروائي چونڊن بعد ڪئي وڃي ۽ تيستائين ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي، عدالت سندن درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان عدالت صحافي سرل الميڊا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارا وارنٽ واپس وٺندي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو به حڪم ڏنو، صحافي جا وارنٽ سندس حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ جاري ڪيا هئا. عدالت حڪم ڏنو ته نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ صحافي سرل الميڊا غداري ڪيس ۾ پنهنجا تحريري جواب داخل ڪرائن. ٻڌڻي دوران عدالت پچاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل پاڪستان ڪاٿي آهي؟ ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪا ڪارروائي ڪئي وئي؟ هي حساس معاملو آهي، عدالت اٽارني جنرل پاڪستان کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟