دبئي ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم 482 رنسن تي آئوٽ، حارث سهيل جي شاندار سينچري

0Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز ) دبئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان آسٽريليا خلاف 482 رنسن تي آل آئوٽ، حارث سهيل جي شاندار سينچري. آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا وڪيٽ وڃائڻ جي 30 رنسون ٺاهي ورتيون. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ قومي ٽيم پنهنجي نامڪمل اننگز جي شروعات 255 رنسن ٽن وڪيٽن جي نقصان تان ٻيهر شروع ڪئي ته حارث سهيل ۽ محمد عباس ڪريز تي موجود هئا. ٻنهي بيٽسمينن گڏيل طور اسڪور ۾ 5 رنسن جو واڌارو ڪيو ته محمد عباس پيٽرل سڊل جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. هو 26 بالن تي هڪ رنس اسڪور ڪري سگهيو، چوٿين وڪيٽ تي حارث سهيل ۽ اسد شفيق 150 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم جو گڏيل اسڪور 410 تائين پهچايو ته اسد شفيق ڪئچ آئوٽ ٿي ويو، هن 80 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي. بابر اعظم پنجون آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين هو جيڪو 4 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوءِ حارث سهيل 110 رنسن تي پويلين موٽيو، ڪپتان سرفراز احمد به رن آئوٽ ٿيو، پاڪستان جي پوري ٽيم 482 رنسن ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان پيٽر سڊل 3، نيٿن ليون 2، جون هولانڊ ۽ مارنس ليبسڪگني هڪ، هڪ شڪار ڪيو. دبئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي آسٽريليا بنا وڪيٽ وڃائڻ جي 30 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان کي پهرين اننگ ۾ 452 رنسن جي سرسي حاصل آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں