شهباز شريف جي گرفتاري سان ڪهڙي قيامت اچي وئي، ڪرپٽ ماڻهو ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي به نه ڇڏيندس: وزيراعظم

0Shares

لاهور (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڀ ڪَن کولي ٻڌي ڇڏين، ڪو اين آر او نه ٿيندو، عوام بي فڪر رهن ڪنهن ڪرپٽ کي نه ڇڏينداسين. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ لاهور ۾ پهريون ڀيرو پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي پهرين پاليسي جي تياري شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جيڪا 100 ڏينهن کانپوءِ پيش ڪئي ويندي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو وڏو پٺ تي پيل علائقي سان آهي، جتي ڪير وڃڻ به پسند ناهي ڪندو پر مون کي يقين آهي ته هو ڪڏهن ڪرپشن کي سپورٽ نه ڪندو. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ۾ هڪ نئون قانون وسل بليو ايڪٽ متعارف ڪرائينداسين، جنهن تحت جيڪو شخص حڪومت ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندو، ان کي ريڪور ٿيندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو، گڏوگڏ ڪرپشن جو اطلاع ڏيندڙ شاهد کي تحفظ جو ايڪٽ به متعارف ڪرائينداسين، پراڻي مڪاني نظام مان خاميون ختم ڪرڻ لاءِ نئون نظام آڻينداسين، جنهن جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي هوندو. هن چيو ته ن ليگ وارا شهباز شريف جي گرفتاري کي سياسي انتقام قرار ڏئي رهيا آهن، اهو سياسي انتقام ڪيئن ٿو ٿي سگهي، شهباز شريف تي ته 10 مهينا پراڻا ڪيس آهن، نيب آزاد ادارو آهي، اپوزيشن شڪر ڪري ته نيب منهنجي ماتحت ناهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو جيل ۾ هجن ها. سندس چوڻ هو ته ڪالهه مان شهباز شريف کي نيلسن منڊيلا ٿيندي ڏٺو، ساڻس همدردي ڪندڙن جا نالا به ايندا، جڏهن ڪرپٽ ماڻهو ۾ هٿ پوندا آهن ته سڄي ڪرپشن يونين هڪ ٿي ويندي آهي، تحريڪ انصاف خلاف ن ليگ ۽ پ پ وارا ڀائر ٿي ويا آهن. عمران خان چيو ته نيب اسان کي به هيلي ڪاپٽر معاملي ۾ طلب ڪيو آهي، اسان وڃي جواب ڏيندا آهيون پر ن ليگ وارن مان ڪنهن کي طلب ڪيو ويندو آهي ته اهي گوڙ ڪندا آهن. هن چيو ته مهانگائي هڪ ئي صورت ۾ ختم ٿي سگهي ٿي ته ڪرپٽ ماڻهن کان پئسا اوڳاڙيا وڃن، نيب چيئرمين کي جيڪو سهڪار گهرجي، اسان ان لاءِ تيار آهيون. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان وڌيڪ 28 هزار ارب رپيا ٿي چڪو آهي، جڏهن خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هجي ته سمجهو حالتون خراب آهن، پاڪستان کان ٻاهر 9 ارب ڊالر دبئي، سعودي عرب، آمريڪا ۽ برطانيا منتقل ٿيا، ملڪ کان ٻاهر 10 هزار کان وڌيڪ ملڪيتون پڪڙيون ويون آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ميٽرو بس جا 3 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، جيڪي خساري ۾ آهن ۽ اورينج ٽرين لاءِ قرض ورتو ويو، اهو منصوبو به خساري ۾ آهي، نظام ۾ بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ٿي سگهي ٿو اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي پر اسان ڪجهه ملڪن جي بئنڪن ۾ پنهنجو پئسو رکرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، تمام جلد پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رُخ ڪندا.  وزيراعظم چيو ته شهباز شريف جي گرفتاري سان ڪهڙي قيامت اچي وئي شهباز شريف کي نيلسن  منڊيلا بڻجندي ڏٺو ان لاءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان اسان تي الزام لڳايا پيا وڃن ته انتقام پيا وٺون 8-10 مهينا اڳ شهباز شريف خلاف ڪيس هئا اسان ڪيئن انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آهيون اهي ڀي مظاهرا ڪن يا ڌرڻا هڻڻ اسيمبلي ۾ شور مچائين اسان بليڪ ميلنگ نه اينداسين ڌرڻا هڻڻ جو شوق اهي ته ڪنٽينر اسان ڏينداسين اهي قيمي جا نان کارائي ماڻهو گڏ ڪن ٿا هن چيو ته ڪرپٽ ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي به نه ڇڏيندس مون قوم سان ڪرپٽ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو وعود ڪيو آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته هن ملڪ جو صاحب اقتدار پاڻ کي بچائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندو آهي نواز شريف ۽ زرداري مٿان کان لڙائي ۽ اندر ۾ ڀائي ڀائي آهن پ پ ۽ ن ليگ پاڻ کي بچائن لاءِ گڏجي ضمني چونڊ ورهي رهيون آهن هن چيو ته شهباز شريف جي حمايت ۾ لائين لڳائڻ وارن جو وارو اچڻ وارو آهي اهي ڊنل آهن بلاول چوي ٿو ته اپوزيشن ليڊر جي گرفتار ڪيو ويو آهي وڏي ڀاءُ کي پڪڙيو ويو ته تڏهن چيائون ته نيب سوالن جا جواب نه ڏئي رهيو آهي عمران خان چيو ته نيب چيئرمين جي اسپيڊ سست آهي نيب منهنجي ماتحت هجي ها ته هيستائين 50 ماڻهو جيل ۾ هجن ها. هن چيو ته ڪرپشن ختم ٿيڻ کانسواءِ ملڪ دلدل مان ٻاهر نڪري نه سگهندو هتي جنهن ۾ هٿ وڌوسين ته جمهوريت کي خطرو آهي  چوندا آهن ڪرپشن خلاف پوري ڪارروائي ڪنداسين ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ کي 20 سيڪڙو اوڳاڙي مان ڏنو ويندو چين ۾ 4 سالن ۾ 400 وزيرن کي جيل موڪليو ويو هن چيو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي ٿي ويو آهي گئس سيڪٽر ۾ 157 ارب ۽ بجلي سيڪٽر ۾ 1200 ارب رپيا قرض آهي ميٽرو ٽرين رٿا حڪومت کي 8 ارب رپيا خسارو ڏئي رهيو آهي بجلي ۽ گئس جا اگهه نه وڌايو ته قرض وڌي ويندو شيون مهانگيون نه ڪيون ته قرض ادا ڪيئن ڪيون. پرڏيهي قرض 60 کان 95 ارب ٿي ويو آهي ڪرپشن جو پئسو واپس آڻڻ سان قرض لهندو ٿي سگهي آءِ ايم ايف وٽ وڄڻو پوي ٻيا به آپشن آهن اسان سڌارا آڻي ۽ پاليسيون ٺاهي رهيا آهيون 100 ڏينهن ۾ ثمر ملڻ شروع ٿي ويندو 22 سالن کان چوندو پيو اچان ته ڪرپشن  ملڪ جووڏو مسئلو آهي قرض کڻڻ کانسواءِ ڦريل ناڻي جي  واپسي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ وجو واحد حل آهي هن وقت وزيراعليٰ هائوس جو خرچ 55 لک رپيا آهي ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي ته ڪرپشن کي روڪيو وڃي ۽ ڦريل ناڻو واپس آندووڇي ايف بي آءِ کي درست ڪري رهيا آهيون. ملڪ کان ٻاهر 10 هزار جائيدادون آهن انهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون هن چيو ته ملڪ ۾ ڪمال جون شيون ٿي رهيون آهن فالودي واري جي اڪائونٽ مان 2 ارب رپيا نڪري آيا مون کي خبر آهي ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ڪرپشن ۾اچڻا آهن قوم بي فڪري ٿي وڃي ڪنهن کي به نه ڇڏيندس هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ايماندار ماڻهو آهي ڪرپش نه ڪندو اهڙو شخص ئي وزيراعليٰ چاهيو ٿي اها ئي تبديلي آهي قوم کي آئنده خوشخبري ڏينداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں