عمران خان ڊراما بند ڪري عوام کي ٻن مهينن جي ڪارڪردگي ٻڌائي، 100 ڏينهن واري پروگرام مان هوا نڪري وئي: ن ليگ

0Shares

لاهور (بيورو) شهباز شريف جي گرفتاري بعد نواز شريف پاران فرنٽ فوٽ تي اچڻ جو فيصلو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اڄ هنگامي اجلاس طلب ن ليگ جو اليڪشن ڪميشن کي خط شهباز شريف جي گرفتاري بعد حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ/ لاءِ نواز شريف فرنٽ فوٽ تي اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ن ليگ جي اڄ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو نواز شريف پارٽي جو اڄ اجلاس گهرائي سياسي سرگرمين جي ٻيهر شروعات ڪندو شهباز شريف جي گرفتاري بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ نواز شريف سان حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز  نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ٻئي طرف ن ليگ شهباز شريف جي گرفتاري کي ضمني چونڊن کان اڳ ڌانڌلي قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي چيئرمين ن ليگ راجا ظفرالحق اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو  آهي ته اليڪشن ڪميشن نيب چيئرمين کي شهباز شريف جي آزادي جو حڪم ڏئي شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرائي آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم نيب چيئرمين سان ملاقات به ڪئي هئي جنهن کانپوءِ شهباز شريف جي گرفتاري عمل ۾ آئي اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري حڪومت جي بدنيتي ظاهر ڪري ٿي وزير به چئي چڪا آهن ته وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون اليڪشن ڪميشن اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري جو نوٽيس وٺي راجا ظفرالحق چيو ته حڪومت تنقيد کان بچڻ لاءِ جلد بازي ۾قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو شهباز شريف جي گرفتاري حڪومت  جي ناقص ڪارڪردگي تان ڌيان هٽائن جي ڪوشش آهي شهباز شريف کان انتقام ورتو پيو وڃي خط ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري ضمني چونڊن تي اثرا نداز ٿيڻ آهي حڪومت کي ن ليگ خلاف ڪاررواين کان روڪيو وڃي ٻئي  طرف ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڊراما بند ڪري ۽ عوام کي ٻن مهينن جي ڪارڪردگي ٻڌائي هر جمعي تي ڊرامو ڪري مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽايو وڃي ٿو مريم اورنگزيب چيو ته اسان کي ڪنٽينر جي ضرورت ناهي عوام جا هٿ هوندا ۽ انهن جو گريبان هوندو حڪومت نيب کي ذاتي انتقام لاءِ استعمال ڪري رهي آهي حڪومت ايندي شرط بجلي ۽ گئس مهانگي ڪري ڇڏي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي اهڙو شخص جيڪو ڪابينا جي ميٽنگ نٿو ڪري سگهي ان کي وڏو وزير بڻايو ويو هن چيو ته ذلفي بخاري ۽ عليمه خان جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون ڪڏهن نيلام ٿينديون عمران خان جي ڪابينا ڪرپٽ ترين ڪابينا هوندي عمران خان جي 100 ڏينهن واري پروگرام مان هوا نڪري وئي آهي پشاور ميٽرو  ۾ 80 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪير ٻڌائيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں